ڪپتان جا مداخلت سازش جا الزام ، ويجهڙائپ

ڪپتان جا مداخلت سازش جا الزام ، ويجهڙائپ

سيد زوار حسين شاه
جيڪا هن وقت ملڪي صورت حال اسان جي اڳيان آهي معيشت مڪمل تباهه ٿي وئي آهي ، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊالر ڊبل سينچري تي پهتو آهي ، جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته ڪپتان جي حڪمت عملي پي ڊي ايم سميت ٻن موروثي خاندان جن سدائين پاڪستان مٿان قابض ٿي ڪرپشن ڪري اربين رويپا ڪرپشن ڪئي آهي ، مني لانڊرنگ جا واقعا به اڳيان آهن جڏهن ته ڪپتان ڪيترائي مرتبه آمريڪا سميت ثري باس مٿان ڪرپشن جا ته الزام هنيا پر هن پنهنجن جلسن ۾ بار بار اها به ڳالهه ڪئي آهي ته پاڪستان تباهه ٿي رهيو آهي پاڪستان خلاف آمريڪا پيو فيصلا ڪري ، جڏهن ته پاڪستان هن وقت انتهائي خطرناڪ پوزيشن ۾ هليو ويو آهي يورپ ۽ آمريڪا جي زمينداران سان سياسي ملاقاتون ٿي رهيون آهن جنهن مان اها به خبر پوي ٿي ته ڪپتان جيڪو ڪجهه چيو هو ان جي تصديق ٿي رهي آهي جڏهنته هن وقت پوري دنيا ۾ ان تي بحث پڻ ٿي رهيا آهن ، اهڙي صورت حال ۾ ڪپتان عوام سان براه راست رابطو ڪيو جلسه ڪري اهو ثابت ڪيو ته هي مضبوط قوم آهي ڪڏهن به ڪنهن جي به ٻاهرين قوتن جو حڪم تسليم نه ڪندي آزاد ملڪ آهي ، ااسلام يج انلي تي قائم ٿيل ملڪ آهي بس صرف انهن کي سڄاڳ ڪرڻ لاء پيغام پهچائڻو آهي جيڪو ڪپتان بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي . جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي رهنما آصف علي زرداري مسلم ليگ ن کي استعمال ڪري مڪمل فائدو حاصل ڪري رهي آهي پنهنجا بهترين تعلقات پئي انهن سان رکي اهو ئي سبب آهي جو ن ليگ مڪمل بليڪ ميل ٿي چڪي آهي وفاقي عهدن جي ڳالهه ڪيون ته ن ليگ پ پ پ جي رهنما آصف علي زرداري جي ڳالهه تسليم ڪري ورتي آهي جنهن کان پوء ملڪ جو وزيرخارجه بلاول ڀٽوزرداري منتخب ڪيو ويو جيڪو هن وقت آمريڪي جي دوري تي هڪ سيمينار ۾ شرڪت لاء آمريڪا ترسيل آهي ، جڏهن ته ڪپتان ڪيترن ئي جلسن سميت پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان جي سياستدانن مٿان الزام هنيا ته آمريڪا پاران مراسلي ۾ واضع لکيو ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن عدم اعتماد ڪپتان خلاف ڪامياب نه ٿي ته توهان کي خراب نتيجه ڀوڳڻا پوندا پر مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام پي ٽي آئي جي باني سابق وزيراعظم ڪپتان عمران خان سان گڏ آهي اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ مسلسل اهڙا جلسه مان ناهين ڏٺا جڏهن ته 20 مئي ملتان ۾ ٿيندڙ تاريخي جلسلي ۾ اهم اعلان پڻ ڪندو ۽ مان سمجهان ٿو ته حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء عوام کي اسلام آباد اچڻ جو حڪم ڏيندو ، جنهن کان پوء جيڪڏهن اسلام آباد کي بلاڪ ڪيو ويو ته ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا جنهن سان وري به پاڪستان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو اهڙي صورت حال ۾ حڪومت وقت پنهنجو ڪيئن دفاع ڪندي ان تي به غور ويچار جاري آهي ،، ٻئي پاسي يورپ سميت آمريڪا به مدد ڪندو يا نه ان تي به ڪافي ڳالهيون جاري آهن ، ۽ هي حڪومت پنهنجي حڪومت کي بچائڻ لاء ڪا نه ڪا ته راند کيڏندي يا آمريڪا يورپ سعودي عربيه ڪا قسط جاري ڪندي پر هن پر هن وقت ڊالر 200 تي پهتو آهي جنهن سان به اربين روپيا قرض وڌي ويو ، ملڪ تباهه ٿي ويو آهي ، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ انٽوني بلنڪن جي ملاقات گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت ۾ ٿي. ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته بلاول سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط واپار ۽ اقتصادي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته علائقائي سيڪيورٽي تي گفتگو به ملاقات ۾ شامل آهي، پاڪستان جي 77 جي سربراهي ڪري رهيو آهي، آمريڪا ان سان به بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت ۽ بلاول سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي خوشي آهي، بلاول سان فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اهو اهم چئلينج آهي، جنهن کي سڄي دنيا منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اسان آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ آمريڪي ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ انتظاميه سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو شديد ٿي چڪو آهي، ان سان وڌيڪ 40 ملين ماڻهو فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلن جو شڪار ٿيا، فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان گڏ ٿي رهيا آهيون، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي شموليت تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي ڌيان آهي. هوڏانهن ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وسيع بنياد ۽ گهڻ رخي پاڪ-آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو اينٿوني بلينڪن جي بيان تي رد عمل ڏيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپا وڌائڻ ۽ آمريڪي واپارين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي گهڻ رخي نوعيت ۽ گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪيو آهي ۽ انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي حل جي هميشه حمايت ڪئي آهي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ غير قانوني ڊيموگرافڪ تبديلين جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو. آخر ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪيو وڃي برحال مان سمجهان ٿو ته ڪپتان پي ڊي ايم سميت خاص مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي کي سوڙهو ڪري ورتو آهي ، عوام به انهن سياستدانن جي هر چال کان واقف ٿي چڪو آهي ، 7ٽعجب جي ڳالهه ته جيڪا ڳالهه ڪپتان چئي اها ئي ڳالهه هن وقت جو وزيرخارجه ڪري رهيو آهي ، پر جهڙي ريت ڪپتان ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو ، ان وقت جي اپوزيشن پي ڊي ايم ۽ هن وقت جون حڪومت ڪندڙ سياسي پاڙٽين ڪجهه به نه ڪيو هو اهو ئي سبب آهگي جڏ پاڪستان جو عوام ڏينهن هجي يا رات ڪپتان جي سڏ تي لبيڪ چون ٿا ، برحال ڪپتان پاران لڳايل الزام سچا ثابٿ ٿي چڪا آهن ، هاڻ عوام کي تاريخي فيصلو ڪرڻ آهي ته هو غلامي واري زندگي گذارندا يا آزادي واري زندگي گذاريندا ، هن وقت ڪپتان تاريخي فيصلو پڻ ڪندو جنهن کان بعد مان سمجهان ٿو ته ملڪڪ جي تاريخ جي وڏي تبديلي ايندي ، عوام جي سمندر کي حڪومت وقت روڪي نه ٿي سگهي ، هو مڪمل ناڪام ٿيندا ،برحال پاڪستان جي اندروني معاملات ۾ آمريڪي مداخلت هجي يا يورپين مداخلت هجي عوام رد ڪري پنهنجو ووٽ ڪپتان جي حق ۾ ڏيئي ڍڪو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو وڏا وڏا استاد سياستدان نه ٿا چاهين ته اليڪشن ٿين ، هو سمجهي ويا آهن ته جيڪڏهن اليڪشن ٿي ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ، ان ڪري هو ڪيترائي فيصللا ڪر پوء اليڪشن ڪرائڻ ڏانهن ويندا ، پر عدالت سڳورين به نوٽيس وٺي پاڪستان جي آئين جي سلامتي بقا لاء ڪم ڪري رهيا آهن جنهن تي به 22 ڪروڙ عوام سلام پيش ڪري ٿي ، مان عرض ڪندس ته هن سڄي سياسي جنگ ۾ غريب شريف ووٽر شهري پريشان ٿي ويو آهي ، مهنگائي جي ڪري مڊل ڪلاس عام ماڻهون به پريشان آهن ، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي ، ملسم ليگ ن رهنما اها آخري ڪوشس پيا ڪن ته ڪپتان جي الزامن کي رد ڪري سگهون معيشت کي هٿي ڏيئي سگهون اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن آمريڪا يورپ سان ٿيل ڊيل تي عمل ٿئي ، برحال ڪپتان جي هر حڪمت عملي وڏن وڏن پنڊتن سياستدانن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ، برحال لڳايل الزام سچا آهن سچا ثابت ٿي چڪا ، جهڙي ريت آمريڪا سان ويجهڙائپ ، يورپ سان پيار جو اظهار سڀ سامهون آهي ، بس دعا آهي ته مالڪ سائين اسان مٿان رحم فرما، سياستدانن کي عقل فهم ڏي تاڪه عوام جي خدمت سان گڏ ملڪ دشمنن سازشي ماڻهن مير جعفر مير صادقن کي سڃاڻي سگهن

پهنجو تبصرو موڪليو