ايڊمنٽن (ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي شهر ايڊمنٽن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا، ڪينيڊا جي وزيراعظم واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پوليس چيف موجب، ٻئي پوليس اهلڪار گهريلو تڪرار جي شڪايت تي مقامي اپارٽمنٽ ۾ ويا. اپارٽمنٽ پهچڻ تي مشتعل شخص پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ پاڻ کي گوليون هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي.عورت جنهن اپارٽمنٽ ۾ مدد لاءِ سڏ ڪيو سخت زخمين سان اسپتال پهچايو ويو.پوليس سربراهه جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ جاري آهي.ٻئي طرف ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پوليس اهلڪارن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.










