ڪيبنيٽ سيڪريٽري وزيراعظم تي ڀاءُ کي بچائڻ جو الزام هڻي ڇڏيو

ڪيبنيٽ سيڪريٽري وزيراعظم تي ڀاءُ کي بچائڻ جو الزام هڻي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ مارگله هلز نيشنل پارڪ ۾ ڪمرشل سرگرمين ۽ هائوسنگ سوسائٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان تي فرد جرم ڇو نه لڳايو، سچ ٻڌايو، جهنگلي جيوت کاتي جي نوٽيفڪيشن پٺيان ڪير آهي؟ نوٽيفڪيشن ڪنهن جي درخواست تي جاري ڪيو ويو؟ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل جواب ڏنو ته منهنجي خبر ناهي چيئرمين وائلڊ لائيف کي تبديل ڪرڻ جا حڪم وزيراعظم جاري ڪيا هئا.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪابينا سيڪريٽري الزام وزيراعظم تي لڳايو، سيڪريٽري ڪابينا پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ وزيراعظم تي الزام لڳايو، سيڪريٽري ڪابينا وزيراعظم کي بس هيٺان ڌڪي ڇڏيو. مارگلا هيلز بابت آرڊر اچڻ بعد سپريم ڪورٽ خلاف پروپيگنڊا شروع ٿي وئي، پارٽين جي رضامندي سان حڪم جاري ڪيو ويو ته پوءِ پروپيگنڊا ڪير ڪري رهيو آهي؟ توهان جو ڀاءُ لقمان علي افضل ڪٿي آهي؟ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل جواب ڏنو ته خبر ناهي ڪٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو