ڪي 4 جو روٽ مٽائڻ تي خبر ناهي ڇو سڀ متفق آهن، اسدعمر

ڪي 4 جو روٽ مٽائڻ تي خبر ناهي ڇو سڀ متفق آهن، اسدعمر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) رٿا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي واري منصوبي ’ڪي فور‘ جو روٽ تبديل ڪرڻ تي خبر ناهي ڇو سنڌ جي سياسي ۽ فوجي قيادت متفق آهن.اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن انساني حقن واري پارلياماني سيڪريٽري لال مالهي جي فيڊرل لاج تي سنڌ جي صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان ڪچهري ۾ ڪيو. ياد رهي ته ڪي فور جو روٽ تبديل ڪري بحريا ٽائون ۽ڊي ايڇ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ موڙيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي 14 گهٽ ترقي يافته ضلعن ۾ اربين روپين جا منصوبا شروع ڪريون پيا. هن چيو ته في ڪس جي حساب سان ترقياتي بجيٽ سنڌ جي پنجاب کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ضلعن کي به فنڊز نٿا ملن نه ئي ڪو نوجوانن جي هنري سکيا لاءِ ڪو ادارو ٺاهيو آهي. اسد عمر چيو ته زندگي جو ڳچ حصو اينگرو سبب گهوٽڪي ۾ گزريو ان ڪري پاڻ کي گهوٽڪي جو سمجهندو آهيان، مون جهانگير ترين کي گهوٽڪي ۾ هنري سکيا لاءِ ادارو قائم ڪرڻ لاءِ 5 ڪروڙ ڏيڻ جو چيو ته هن 10 ڪروڙ دوستن کان گڏ ڪري ڏنا. هن چيو ته حالت اها آهي ته سنڌ ۾ اسين جتي وڃون ٿا ته پي پي وارن جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا. مان ٻه ڀيرا ٽنڊو محمد خان ويس ته نويد قمر آيو ته ڇا تون اتان چونڊ وڙهندي جو روز ٿو اچين؟ هن چيو ته سنڌ حڪومت نه پاڻ ڪم ٿي ڪري نه اسانکي ڪرڻ ڏئي ٿي. مان مراد شاهه کي چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت گڏيل پٽيشن ڪن ته بحريا ٽائون وارا پئسا سپريم ڪورٽ کان وٺن. جيڪڏهن اسين متفق نه ٿينداسين ته سپريم ڪورٽ پاڻ پيسا خرچ ڪندي پر هن ڳالهه نه مڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ پي پي حڪومت ڪرمنل ڪم پئي ڪري، اسين ڪنهن ماڻهو وٽ وڃون ٿا ته ان خلاف ايف آءِ آر داخل ٿئي ٿي، پاڻي بند ڪيو ٿو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي جيتريون شڪايتون سنڌ کي پنجاب کان آهن اوتريون بلوچساتن کي سنڌ سان آهن. اسين ٽيليميٽري سسٽم لڳايون پيا ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم گهٽ ترقي ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو پر هن اهو تسليم ڪيو ته ترجيح فاٽا ۽ ڪي پي کي وڌيڪ آهي. هن چيو ته ڏکڻ بلوچستان مان 4 سيٽون به ناهن تازو اربين روپين جو پيڪيج ڏنو ويو. هن تسليم ڪيو ته عمران خان کي سنڌ جا جيترا دورا ڪرڻ گهرجن هن نه ڪيا آهن ۽ ان سان پارٽي سنڌ ۾ مضبوط نه ٿي سگهي آهي. جڏهن کيس چيو ويو ته سنڌ مان پي ٽي آءِ  بيزار پئي لڳي سنڌ ۾ پي پي مخالف اسپيس هوندي به ان تي ڪم نه پئي ڪري ڇا اصل مالڪن روڪيو آهي ڇا؟ ته هن کلندي ٻڌايو ته اسانکي چيو ويو هو ته سنڌ ۾ چونڊ مهم دوران پيپلز پارٽي وارن خلاف ناهي ڳالهائڻو ۽ اسين مسلم ليگ (ن) کي پيا برو ڀلو چئون جنهن تي ڪجهه دوستن نشاندهي به ڪئي ته سنڌ جي ڀينگ پي پي وارن ڪئي آهي ۽ اوهان گاريون نون ليگ کي ٿا ڏيو؟ هن چيو ته هاڻي اوهان فرق محسوس ڪندا، سنڌ تي فوڪس ڪريون پيا عمران خان گهڻو وقت ڏيندو.  صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کيس صلاح ڏني ته ڪراچي ۽ سنڌ جو اصطلاح استعمال نه ڪيو.

Lal Malhi, Asad Umar, Nuzhat Pathan, Fazalullah Qureshi, Nasir Memon, Inam Shaikh

سنڌ دشمن رٿائن تي موقف چٽو رکو ۽ سنڌي ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو ۽ ڀروسو قائم ڪريو ته پي ٽي آءِ ڪالا باغ ڊيم سميت ڪنهن به سنڌ دشمن منصوبي جي حمايت نه ڪندي. کيس اهو به چيو ويو ته پي ٽي آءِاها سوچ تبديل ڪري ته پي پي ۽ سنڌي هڪ شئي نه آهن، پي پي سان سياسي معاملا جيئن وڻي وڃي طئي ڪريو پي پي جي اوٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي برو ڀلو نه چئو. ان موقعي تي عورتن جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ پيپلز پارٽي جي پراڻي جيالي ۽ پي ٽي آءِ جي هاڻوڪي ايم اين اي نذهت پٺاڻ به موجود هئي. هن به شڪايت ڪئي ته سنڌ جي نمائندن کي مرڪزي قيادت نظر انداز پئي ڪري. اسد عمر جي وڃڻ بعد هن علي امين گنڊاپور جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي غدار چوڻ جي مذمت ڪندي چيو ته حڪومت جي اهڙن اپائن سبب سنڌ ۾ اسان خلاف اڃان نفرت وڌي پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو