ٺٽو ( ن سنڌيار )آبپاشي ماهرن جو چوڻ آھي ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ کانپوء ڪوٽڙي بئراج جون مٿانھون وهڪرو 6 لک 20 هزار 95 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهين وهڪري ۾ 6 هزار ڪيوسڪس جي لاٿ اچي ويئي هن وقت ڪوٽڙي بئراج تي ڊائون اسٽريم ۾ ساڍا 6 هزار ڪيوسڪس جي لاٿ بعد پاڻي وهڪرا گھٽجي 5 لک 93 هزار 5 سئو 97 ٿي ويا دادو مورو پل وٽان پڻ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو جاري آھي جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڪوٽڙي بئراج مان وڌيڪ وڏي لاٿ جا امڪان ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران ڪوٽڙي بئراج تي وڏي لاٿ کانپوء ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي حفاظتي بندن تان پڻ دريائي وهڪرن جو دٻاءُ گهٽجي ويندو










