اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن ڇهين ڏينهن به لڳاتار ملڪ ۾ 100 کان وڌيڪ فوت رڪارڊ ڪيا ويا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ اين سي او سي مطابق پاڪستان ۾ ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 46هزار066 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 5هزار050 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي هئي جڏهن ته 114 وائرس سبب فوت ٿي ويا جيڪو ، هن سال جو فوتين جو سڀ کان وڏو تعداد آهي سرڪاري رپورٽ موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 10.96 سيڪڙو هئي.سرڪاري پورٽ موجب ، ملڪ ۾ ڪورونا کان فوتين جو ڪل تعداد 15هزار،443 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 7لک21هزار،018 ٿي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 73هزار875 آهي.ان کان علاوه ، س ڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 4هزار139 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ، صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 6لک31هزار700 ٿي چڪو آهي سرڪاري رپورٽ مطابق ، سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک68 هزار ،750 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 4هزار529 ماڻهو فوت چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک48هزار438 آهي ۽ وائرس سبب 6هزار972 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 20هزار241 آهي ۽ مرڻ وارن جي تعداد 215 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 98هزار301 آهي ۽ 2هزار618 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 14هزار461 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا آهن ۽ 399 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 5هزار127 آهي۽ 103 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 65هزار،700 آهي ۽ هن وقت تائين 607 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










