اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ڪورونا پابنديون ختم ڪريو،گيٽ کولي سهوليتون مهيا ڪريو، ٿر ڪول بلاڪ ون جي پورهيتن جو ٻي ڏينهن به احتجاج،مين روڊ تي ڌرڻو،روذ بلاڪ،مظاهرين گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، اسسٽنٽ ڪمشنر پهچي ڳالهايون ڪري احتجاج ختم ڪرايو،تفصيل موجب:ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جون مقامي پورهيتن سان اڻ سڌي طرح زيادتيون رۡڪجي ناهن سگييييهيون،مقامي پورهيت مبينا ٿيندڙ زيادتين توڙي سهويتون نه ملڻ خلاف مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن،اُنهي سلسلي ۾ ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن ڪالھ ٻي ڏينهن تي به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪمپني کان ٻاهر ٿرڪول توڙي اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي مۡک روڊ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي،روڊ بند ٿيڻ سبب ايندڙ ويندڙ ڪيترون ئي گاڏيون بيهجي ويون ڌرڻي دوران احتجاج ڪندڙن ۽ گاڏين وارن وچ ۾ چڪريون به ٿي پيون انهي بعد مظاهرين هڪ گاڏي جا شيشا به ٽوڙي ڇڏيا،احتجاج ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا جا ڪيس ختم ٿيڻ سبب پابنديون به ختم ٿي چڪيون آهي پر هتي ڪمپنيون اسان کي تنگ ڪرڻ لاء پنهنجا هٿ ٺوڪيا قانون ٺاهي پابنديون برقرار رکيو ويٺيون آهن،پورهيتنتيرٿ،پريم،مصري،رامجي،ميهنل،چيلارام،اُتم،گوتم،نهال،منگل ۽ ٻين جي داهيندي وڌيڪ چيو ته اسان کي هتي ڪابه سهوليت نٿي ڏني وڃي، صحت جي توڙي رهائش جي سهوليت نه آهي کاڌو پيتو به اهڙو ملي ٿو جو ٻن مهينن بعد ماڻهو بيمار ٿيو وڃي ٿو سيفٽي جي به ڪا سهوليت نه آهي جنهن سبب ڪيترائي پورهيت فوت به ٿي چڪا آهن اسان کي گهر وڃڻ لاء اجازت نٿي ڏني وڃي باقي ڌارين لاء ڪا به پابندي نه آهي،هنن چيو ته هتي مقامي پورهيتن سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪيو ٿو وڃي اهو سڀ سازش طور ڪيو پيو وڃي جيئن مقامي پورهيتن تنگ ٿي ڀڄي وڃن جيڪڏهن ڪو پورهيت دانهن ڪري ٿو ته انهي کان روزگار کسي بليڪ لسٽ ڪيو ٿو وڃي انهي لاء ڪو به پورهيت انتظاميه خلاف شڪايت نٿو ڪري چونڊيل نمائينده خاموش تماشائي بڻجي ويا آهن،آخر اسان دانهن ڏيون ته ڪنهن کي ڏيون هتي ته ڪو ٻڌڻ لاء تيار نه آهي ڪمپنيون جيڪي واعده يا ڳالهيون ڪن ٿيون اهي سڀ ڪوڙ آهي حقيقت انهي جي اۡبتڙ آهي اسان کي ڪورونا جو جواز ڄاڻائي قيدي بڻايو ويو آهي اسان هاڻي خاموش نه وهنداسين جلد مسئلا حل ڪري پابنديون ختم ڪري گيٽ کولي ملازم جي ٻاهر اچڻ وڃڻ تان پابندي ختم ڪئي ويئي ٻي صورت ۾ هاڻر احتجاج کي ختم نه ڪبو،هوڏانهن مسلسل ٻن ڏينهن جي احتجاج توڙي ٻه ڪلاڪ مک روڊ بند ٿيڻ بعد انتظاميه جي اک کلي جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر اسلام ڪوٽ منظور احمد درس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو انهي سلسلي ۾ رابطي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ پورهيتن جو مين مطالبو هو ته گيٽ کولي اڃ وڃ جي اجازت ڏني وڃي جنهن ڪمپني انتظاميه سان ڳالھ ٻولھ ٿي آهي انتظاميه هفتي ۾ هڪ دفعو گهر وڃڻ جي مزدوري کي اجازت ڏني باقي گيٽ کولڻ بابت ڪمپني وارن جو چوڻ آهي انهي جي اجازت وٺڻي پوندي ڪوشش ۾ آهيون ته جلد مزدورن جا جائز مسئلا حل ٿي سگهن،پورهيتن اسسٽنٽ ڪمشنر هفتي اندر مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي اسان احتجاج ختم ڪيو آهي مسئلا حل نه ٿيا ته ٻيهر احٿجاج ڪبو،










