ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ55 مريض فوت

ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ55 مريض فوت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ55 مريٰض فوت ٿي چڪا آهن ۽ 1هزار900 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق  سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا  32هزار205 ٽيسٽ ڪيا ويا  جن مان 1هزار794 ماڻهن ۾  ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ 55 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا.سرڪاري رپورٽ موجب  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 5.7 سيڪڙو هئي.سرڪاري رپورٽ مطابق  ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 9هزار929 ٿي چڪو آهي  ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک 73هزار309 تائين پهچي چڪو آهي  جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 39هزار 488 آهي.ان کان علاوه ، سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن داران 1هزار760 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک 23هزار892 ٿي چڪو  آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک 11هزار276 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3 هزار491  ڪورونا جا مريض هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک 36هزار147 ٿي چڪو  آهي ۽ وائرس سبب 3هزار921 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار082  آهي  ۽ فوتين جو ڪل تعداد 182 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 57هزار467  آهي ۽ 1 هزار609  آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8215 ماڻهو وائرس سان متاثر ٿيا آهن ۽ فوتين جو ڪل تعداد 218 ٿي چڪو آهيگلگت بلتستان ۾ هينئر تائين ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 4هزار850 ٿي چڪو آهي ۽ 101 مريض پوئرس سبب  فوت ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 37هزار272 آهي ۽ هن وقت تائين 407 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو