ڪورونا جي ٽئين لهر سموري دنيا ۾ خطري جي گهنٽي

ڪورونا جي ٽئين لهر سموري دنيا ۾ خطري جي گهنٽي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا جي ٽئين لهر  سموري دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.ڪورونا جي ٽئين لهر دوران وڌندڙ ڪورونا ڪيسن کي نظر ۾ رکندي جرمن چانسلر انجيلا مرڪل جو چوڻ آهي ته ٻيهر لاڪ ڊائون جي طرف وڃڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس ۾ هن مهيني کان 16 علائقن ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو. جڏهن ته پولينڊ ۾ سڀاڻي کان 3 هفتن جي لاءِ جزوي لاڪ ڊائون جي شروعات ڪئي ويندي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برازيل ۾ ڪورونا ڪيسن جي صورتحال خراب ٿيڻ سبب ملڪ گير لاڪ ڊائون جو مطالبو زور وٺڻ لڳو آهي. ٻئي طرف ڪورونا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي اسپين به ايسٽر جي موڪلن ۾ سفري پابندين جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ويڪسينيشن جو عمل جاري آهي. جڏهن ته برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن به ايسٽرازينيڪا ويڪسين لڳرائي آهي. برطانيه ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جي لاءِ اسڪول کولڻ بابت نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو