ڪنڌڪوٽ(ن س)ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي مان اغوائن جو سلسلو رڪجي نـ سگھيو۔جڏهن ته گذريل سي سيڪشن ٿاڻي راڻو بس اسٽاپ ويجهو نڍمعلوم هٿيار بندن پاران مسافر ٽرڪ کي روڪي وڌيڪ 2 ڄڻا ٽرڪ ڊرائيور فيض محمد ۽ ڪلينر سعيد احمد خلجي کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا جڏهن ته اطلاع ملندي پوليس اٽالن پاران پيڇو ڪيو ۔ ڪشمور ضلع اغوائن جي انڊسٽري بڻجي وئي آھي ۽ ماڻھن کي اغوا ڪرڻ ڏوهارين پاران ڪاروبار بڻايو ويو آھي ھٿاربندن هٿان اغوا ٿيندڙ ٽرڪ ڊرائيور فيض محمد جي ڀاء ٻڌايو ته ٽرڪ بلوچستان جي بختيارآباد کان ملتان جوئر لوڊ ڪري وڃي رھيو ھو ڀاء کي اغوا ڪيو ويو ۽ ٽرڪ پوليس پهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي ۔










