ڪنهن سياسي پارٽي جي موقف تي يقين نه ٿا رکون: آمريڪا

ڪنهن سياسي پارٽي جي موقف تي يقين نه ٿا رکون: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته کيس اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جي خبر آهي ۽ اڳ ئي چئي چڪو آهي ته آمريڪا ڪنهن به سياسي اميدوار يا پارٽيءَ تي موقف نه ٿو رکي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ جمهوري قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي احترام جو مطالبو ڪري ٿو ۽ سمورن مظاهرين تي زور ڏئي ٿو ته هو پرامن طريقي سان پنهنجين شڪايتن جو اظهار ڪن.هن وڌيڪ چيو ته اختيارين کي حق ۽ جمهوري اصولن موجب تحمل سان جواب ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو