ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون: عمران خان

ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون: عمران خان

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد سميت ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهين دوران عمران خان کان صحافي سوال ڪيو ته وفاق ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ اوهان جي پارٽي قيادت پيپلز پارٽي سان ڳالهين جو اشارو ڏنو آهي؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ ۾ ڪوبه فرق نه آهي اهي هڪ آهن، هي ٻئي فارم 47 جي پيداوار آهن. تحريڪ عدم اعتماد سميت ڪنهن به مسئلي تي پيپلز پارٽي سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿنديون. تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ پيپلز پارٽي سان تڏهن ڳالهيون ڪريان جڏهن مون کي اقتدار ۾ اچڻو هجي.عمران خان چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جمهوريت جو قتل آهي، اسان جي پارٽي تي اڳ کان ئي پابندي هئي انهي کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ نه ڏنو ويو. پارٽي جو چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ صدر اڳ ئي جيل ۾ هئا هي ٻيهر چون ٿا ته پارٽي تي پابندي لڳائينداسين مريم نواز چوي ٿي ته ججز صحيح نه آهن، ججز تڏهن صحيح هئا جڏهن هنن جا ڪيس ختم ڪيا ويا.اڳوڻي وزياعظم چيو ته هن مخصوص ايليٽ طبقي جو 60 سالن کان ملڪ تي قبضو ۽ حڪمراني جاري آهي. ايليٽ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ساڳئي ايليٽ ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي. هن چيو ته بنون واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. سڀني کي خبر آهي ته بنون واقعي جي دوران ملٽري هٿين خالي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، منهنجو مطالبو آهي ته بنون واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي. دهشتگردي جي خلاف جنگ انهي وقت تائين نٿي کٽي سگهجي جيستائين قوم گڏ نه هجي.صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جو بيان آهي ته بنون ۾ امن مارچ جي اندر کان شرپسندن فائرنگ ڪئي جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته سڀني کي خبر آهي ريلي تي فائرنگ ڪنهن ڪئي، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير جڏهن ملندو ته کيس چوندس ته بنون واقعي تي سخت موقف اختيار ڪري.عمران خان چيو ته موجوده وفاقي حڪومت باهه سان کيڏي رهي آهي، آصف زرداري ڪهڙي حيثيت ۾ صدر هائوس جو بجيٽ وڌائي 88 ڪروڙ ڪري ڇڏيو؟ موجوده حڪمران پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن پر عوام کان قرباني گهري رهيا آهن.صحافي سوال ڪيو ته حڪومتي وزير چون ٿا ته ملڪ ۾ آئيني بريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي، ڇا ايمرجنسي جي صورتحال آهي؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مارشل لا لاڳو آهي ايس آءِ ايف سي ڇا آهي، حڪومت ڪنهن ٻئي جي ڪنٽرول ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جاري بحران کان نڪرڻ جو هڪڙو ئي صاف شفاف حل چونڊون منعقد ڪرائڻ ۽ بهتر معاشي اصلاحات آهي.هن چيو ته فچ جي رپورٽ به سامهون آئي آهي پر مون کي خبر آهي ته موجوده حڪومت چونڊن طرف نه ويندي هي چون ٿا 9 مئي اسان ڪيو؟ اسان جو مطالبو آهي ته 9 مئي تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي، ڇو نه قائم ڪيو ويو؟ هي 9 مئي جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن ڇو نه پيا ٺاهين؟ ان ڏينهن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز ڇو سامهون نه پيون آنديون وڃن.صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته حڪومت چئي رهي آهي ته اوهان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کي اسيمبليون ٽوڙڻ جو چيو جيڪو غير آئيني قدم هو، جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته مون چيو هو ته ڊونلڊ لو جي بيان جي جاچ ٿيڻ گهرجي اسان انهي کان پوءِ اليڪشن جي لاءِ 2 حڪومتون پاڻ ختم ڪيون. اسان جون حڪومتون ختم ڪرڻ جي باجود هنن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون جنهن جي ڪري آرٽيڪل 6 هنن جي مٿان لاڳو ٿيڻ گهرجي.عمران خان چيو ته مان سڄي زندگي جيل ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهيان پنهنجي موقف کان پوئتي هٽڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن هنن کي ڊپ آهي ته ڪٿي تڪ نه کوليا وڃن، هي انهي جي لاءِ ججز تبديل ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کان پي ٽي آءِ کي سيٽون نه مليون ته اليڪشن ڪميشن تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. جيڪڏهن منهنجي زال کي ڪجهه ٿيو ته جن ماڻهن جا مون نالا ورتا هئا انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين مان زنده آهيان انهن جو پيڇو ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو