اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان پاران مقبوضه ڪشمير بابت ڀارتي وزير دفاع راجناٿ سنگهه جي تڪراري بيانن کي سخت لفظن ۾ رد ڪندي کين اشتعال انگيز ۽ غير ذميواراڻو قرار ڏنو ويو آهي. دفتر خارجه جي ترجمان ڀارتي وزير دفاع جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي ڀارتي مہم جوئي جو منہ ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي وزير دفاع جو بيان گڏيل قومن جي تسليم ٿيل حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي، جڏهن ته مسئلو ڪشمير اڄ به سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي برقرار آهي. هن چيو ته اهڙا بيان علائقائي ۽ عالمي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي ڄاڻي واڻي اختيار ڪيل پاليسي جو حصو آهن، جنهن جو مقصد مقبوضه ڪشمير تي پنهنجي ناجائز قبضي، خطي ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ۽ پنهنجي اندروني بدامني تان دنيا جي ڌيان هٽائڻ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته عالمي برادري بالخصوص گڏيل قومون ڀارت جي هن غير ذميواراڻي رويي جو نوٽيس وٺن ۽ کيس ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل نه ڪرڻ تي جوابده بڻايو وڃي.










