ڪشمور (رپورٽ علي حسن سومرو )ڪشمور لڳ ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ جوابدرن فائرنگ ڪري نوجوان صدام سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان صدام سولنگي جي جيجل امڙ چيو آهي ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن منهنجي پُٽ صدام کي قتل ڪيو آهي ، نوجوان جي قتل ٿيڻ بعد لاش کي سول اسپتال ڪشمور آندو ويو ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي نوجوان جي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي،ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ هلندڙ آهي










