ڪرپٽو رٿائن مان ٽرمپ جي خاندان 2.3 ارب ڊالر ڪمائي ورتا

ڪرپٽو رٿائن مان ٽرمپ جي خاندان 2.3 ارب ڊالر ڪمائي ورتا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس خاندان جي ڪرپٽو منصوبن ذريعي ڪمائي ڪيل رقم بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
رائٽرز جي رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس خاندان جنوري 2025ع کان وٺي پنهنجي ڪرپٽو منصوبن، جن ۾ٽرمپ ميم ڪوئن ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل سميت، ۽ ٻيون ڪمپنيون شامل آهن، ذريعي گهٽ ۾ گهٽ 2.3 ارب آمريڪي ڊالر ڪمايا آهن.
انهن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ 10 لک کان وڌيڪ سيڙپڪارن کي مجموعي طور لڳ ڀڳ 2.3 ارب آمريڪي ڊالرن جي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن تي سيڙپڪارن مايوسي جو اظهار ڪيو آهي۔
ٻئي پاسي، وائيٽ هائوس مفادن جي ٽڪراءَ بابت لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو