ڪراچي، وڌيڪ گوشت کائڻ سبب عيد جي ڏينهن ۾ اسپتالن تي رش

ڪراچي، وڌيڪ گوشت کائڻ سبب عيد جي ڏينهن ۾ اسپتالن تي رش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڌيڪ گوشت کائڻ ڪري عيد جي ٽنهي ڏينهن تي اسپتالن ۾ مريضن جي رش لڳي رهي.عيد جي ٽنهي ڏينهن تي الٽي، دست (اسهال) ۽ پيٽ جي سور جي مريضن جي سرڪاري اسپتالن ۾ رش نظر آئي. سول اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر عمران موجب، عيد جي ٻئي ڏينهن 100 کان وڌيڪ مريض الٽي ۽ پيٽ جي سور جي شڪايتن سان سول اسپتال پهتا، جڏهن ته عيد جي ٽئين ڏينهن معدي جي بيمارين ۾ مبتلا 100 کان وڌيڪ مريض آيا. ٻئي طرف، جناح اسپتال ۾ به عيد جي پهرين ڏينهن پيٽ جي بيمارين جو شڪار ٿيل 50 کان وڌيڪ مريض آيا. ايمرجنسي انچارج عرفان صديقي ٻڌايو ته وڌيڪ گوشت کائڻ، گهٽ پاڻي پيئڻ ۽ غير متوازن خوراڪ جي ڪري الٽي، دست ۽ بدهضمي جون شڪايتون وڌي ويون آهن. ان ئي حوالي سان طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته گوشت سان گڏ سبزين ۽ پاڻي جو گهٽ استعمال هاضمي جي نظام تي بوجھ وجهي سگهي ٿو، گوشت سان گڏ سلاد، سبزيون ۽ پاڻي جو وڌيڪ استعمال معدي جي مسئلن کان بچائي سگهي ٿو. طبي ماهرن شهرين کي هڪ ئي وقت وڏي مقدار ۾ گوشت کائڻ کان پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو