ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڀرپور ترقياتي ڪم ڪيا: سعيد غني

ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڀرپور ترقياتي ڪم ڪيا: سعيد غني

ڪراچي (اسٽادف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن ۽ ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور انداز ۾ اليڪشن ۾ نه رڳو حصو وٺندي پر ڀرپور ڪاميابي به حاصل ڪندي. پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جو اهم اجلاس صدر ڪراچي ڊويزن سعيد غني جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ وقار مهدي، سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي سعيد غني چيو ته مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي جڏهن ته ننڍي چونڊ ڪراچي جي ٻن تڪن، ملير ۽ ڪورنگي ۾ 16 آڪٽوبر تي ٿيندي اسان وٽ وڌيڪ تياري ڪرڻ لاءِ هڪ مهينو ۽ هڪ هفتو آهي، سيد ناصر شاهه چيو ته پارٽي جي واضح پاليسي آهي ته پارٽي جو نامزد اميدوار جي مدمقابل جيڪڏهن ڪو اهڙو اميدوار جيڪو پارٽي جو ڪارڪن يا عهديدار آهي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڪراچي ۾ بجيٽ ۾ منظور ٿيل اي ڊي پي اسڪيمن تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو سعيد غني چيو ته مڪاني چونڊن ۾ لڳاتار دير سبب اسان جا اميدوار سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن انشاءالله هن ڀيري مڪاني چوندن ۾ ڪراچي ۾ صورتحال پيپلزپارٽي جي حق ۾ هوندي ڇو ته اسان ڪراچي ۾ گهڻي کان گهڻا ڪم ڪيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو