ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب گلشن سرجاني ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ دوست هئا جن جي سڃاڻپ نسيم جاويد، جڏهن ته ٻئي جي سڃاڻپ بابر جي نالي سان ٿي.پوليس موجب گلشن غازي ۾ ديور جي فائرنگ ۾ نورين بي بي نالي عورت مارجي وئي، واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب ڊفينس فيز 6 خيابان هلال ۾ عرب محل ڀرسان گهر ۾ بندوق صاف ڪرڻ دوران فائرنگ سبب عورت فوت ٿي وئي.فوتي جي سڃاڻپ 24 ورهين جي صفيه جي نالي سان ٿي آهي.پوليس موجب ملير جي 15 نمبر بڪرا پيادي ويجهو صاحب داد ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ارسلان نالي نوجوان مارجي ويو.فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو، جوابدار علي رضا مارجي ويل ارسلان جو دوست آهي.پوليس موجب سهراب گوڙ سنڌي سوسائٽي ويجهو مبينا پوليس مقابلي بعد سلطان نالي هڪ جوابدار کي هٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.ٻئي طرف سچل ڳوٺ ۾ سر سيد چوڪ وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ پرويز نالي هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي ويو، جوابدار پرويز اڳ به 6 ڀيرا جيل ويو آهي.










