ڪراچي ۾ جماعت اسلامي پاران اسٽريٽ ڪرائم خلاف احتجاج

ڪراچي ۾ جماعت اسلامي پاران اسٽريٽ ڪرائم خلاف احتجاج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال، هٿياربندن جي ڦرلٽ ۽ پوليس جي نااهلي خلاف ريگل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي جا شهري چوري ۽ ڦر جي واقعن کان پوءِ به پوليس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل نٿا ڪن.ن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته پوليس به چورن ۽ ڌاڙيلن سان مليل آهي، ڪراچي ڪنهن به پارٽي جي ترجيحن ۾ شامل ناهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته سموريون پارٽيون ووٽ وٺڻ لاءِ اچن ٿيون پر مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو