ڪراچي : (ن سنڌيار) ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ برساتن دوران ڦاتل شھرين کي محفوظ ھندن توڙي بھتر خدمتن ۾ فلاحي ادارا ميدان ۾ لھي آيا حڪومتي ادارن پاران صرف فوٽو سيشن ۽ بيان بازي تائين محدود تازو چوماسو جي برساتن سبب ڪراچي شھر جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي ھيٺ آيل شھرين کي محفوظ ھندن توڙي انهن کي کاڌ خوراڪ مھيا ڪرڻ لاء ڪراچي جي مشھور فلاحي ادارا عوام جي خدمتن لاء سرگرم بيمار مرد عورتون توڙي محصوم ٻارڙن کي محفوظ ھندن تي پھچايو ويو يوسف ڳوٺ ـ لياري ـ سرجاني ـ ناگن چورنگي ـ صدر ـ ڪورنگي ۽ اورنگي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات سبب ڦاتل مريضن توڙي محصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي محفوظ ھندن تي پھچايو ۽ گڏوگڏ انهن کي کاڌ خورڪ پڻ مھيا ڪئي جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران برسات دوران ڪي به چونڊيل نمائندا توڙي سياسي ورڪر ڪٿي به ڪم ڪرڻ ۾ ڏسڻ نه آيو چونڊيل نمائندن پاران صرف صاف سٿرن علائقن جو دورو ڪري فوٽو سيشن ڪرائي ھليا ويا عوام جون دانھون اڃان به برسات ۾ ڪيترا ئي علائقا پاڻي ھيٺ ٻڏل آهن پر اتي ڪي به حڪومتي ادارن پاران متاثر ماڻھن کي ريليف ملي نه سگھيو آهي










