ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي علائقي مواڇ ڳوٺ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ زهريلي گئس سان متاثر 18 ٻار فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.واقعي کانپوءِ چئن ڪمپنين کي سيل ڪري هڪ مالڪ ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ضلعي انتظاميا موجب صحت کاتي جي ٽيم جاچ ڪئي، ٽيم زهريلي گئس سان فوتگين جي تصديق ڪئي آهي.انتظاميا جو چوڻ آهي ته لاڏاڻو ڪري ويندڙ ٻار سيني ۾ تڪليف، بخار ۽ ڳلي ۾ تڪليف جو شڪار رهيا، علائقائي پوليس کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي وئي پر ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي.ضلعي انتظاميا موجب رهائشي علائقن ۾ فيڪٽريون ٺاهڻ تي مڪمل پابندي آهي.هوڏانهن ايس ايس پي ڪياماڙي کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي.










