ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ڊي ايريا ۽ ويجهو ٻارڙيءَ سان مبينا زيادتيءَ جي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏيڍ سال جي ٻارڙيءَ کي گهر کان ٻاهر گھمائڻ جي بهاني وٺي ويو هو، جوابدار جڏهن ٻارڙيءَ کي واپس وٺي آيو ته ٻارڙيءَ جي حالت انتهائي تشويشناڪ هئي.پوليس چيو ته ٻارڙيءَ کي فوراً طبي امداد لاءِ هسپتال پهچايو ويو پر علاج دوران ئي فوت ٿي وئي.پوليس ٻڌايو ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ تي ٻارڙيءَ سان زيادتيءَ جي تصديق ٿيندي.










