ڪراچي طوفان سان سڌو سنئون متاثر ناهي ٿيو: شيري رحمان

ڪراچي طوفان سان سڌو سنئون متاثر ناهي ٿيو: شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته ڪراچي طوفان سان سڌو سنئون متاثر نه ٿيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته طوفان بابت مستند ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، متاثرن کي علائقن مان منتقل ڪرڻ جو عمل 4 راتيون ۽ 4 ڏينهن جاري رهيو.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي اڏامون روڪڻ بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.هن چيو ته 3 سالن کان سنڌ ۽ بلوچستان سخت گرمي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ماڻهن کي گذارش آهي ته في الحال سمنڊ ڪناري نه وڃن.ان کان علاوه شيري رحمان طوفان بابت تازي معلومات به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو