ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عمارت جي اندرين حصي ۾ سڪيورٽي وڌائي وئي آهي ۽ ريپڊ رسپانس فورس (آر آر ايف) جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه عدالت ٻاهران رينجرز جو انگ پڻ وڌايو ويو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي داخلي رستن تي به گاڏين جي تلاشي ورتي پئي وڃي.گذريل ڏينهن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.










