ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي (HIV) جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي جي ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ ننڍي عمر جي ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ واري معاملي تي محتسب سنڌ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري ليبر سنڌ ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر سيسي هادي بخش ڪلهوڙو، سينيئر ميڊيڪل ايڊوائيزر، فوڪل پرسن، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ متاثر ٻارن جي والدين شرڪت ڪئي. ٻڌڻي دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ جو خدشو به آهي. متاثر ٻارن جي والدين اسپتال انتظاميا جي عدم تعاون، دوائن جي کوٽ، علاج جي خرچن جي ادائيگي ۾ دير ۽ انتظامي رويي بابت شڪايتون پيش ڪيون. صوبائي محتسب اسپتال جي عملي جي ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ضرورت موجب تربيت يافته عملو تعينان ڪيو وڃي ۽ سنڌ انفيڪشيس ڊيزيز اسپتال مان ڇهن مهينن لاءِ ماهر ڊاڪٽرن جي ڊيپوٽيشن جي ڪوشش ڪئي وڃي. هن دوائن، ڊائٽ سپليمنٽس ۽ ٻين ضروري سامان جي وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. محمد سهيل راجپوت چيو ته ظاهري طور تي اسپتال جا مالي معاملا ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ جو هڪ سبب بڻيا. هن اسپتال جي مالي آڊٽ لاءِ ٻن هفتن ۾ ملڪ جي مشهور آڊٽ ڪمپني چونڊڻ، متاثر مزدور والدين جي بحالي، فوت ٿي ويل ٻارن جي معاوضي، متاثر ٻارن جي بحالي، نفسياتي مدد، آگاهي مهم جي شروعات ۽ اسپتال ۾ فوري طور هيلپ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. صوبائي محتسب سنڌ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










