ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ريڊ زون واري علائقي ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس سنڌ جي درخواست تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب آءِ جي سنڌ گهرو کاتي کي خط لکي چيو آهي ته 24 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، انٽيليجنس اطلاع آهن ته ڪجهه شرپسندن ان موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. جمهوري عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ امن امان ۾ بگاڙ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي گهرو کاتي آءِ جي سنڌ پاران ڏنل دليلن تي اطمينان جو اظهار ڪندي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ابتدائي قدم کڻندي ڪراچي جي ريڊ زون ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي سائوٿ زون ۽ ريڊ زون ۾ ايندڙ هڪ مهيني لاءِ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، احتجاجن ۽ ريلين تي پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ ريڊ زون ۽ سائوٿ زون جي لاڳاپيل ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز کي قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پي پي سي 188 تحت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










