ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ قائد آباد ڊي سي آفيس ويجهو هڪ جعلي کدڙي کي نامعلوم جوابدار گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، مقتول جي سڃاڻپ 35 سالن جي سجاد پٽ بشير جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو هڪ جعلي کدڙو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول رات جو گهٽين ۾ ميڪ اپ ۽ عورتن جا ڪپڙا پائي گھمندو هو، پوليس مقتول جي هڪ روم ميٽ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










