ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايٽمي بجلي گهر ڪي ٽو نيشنل گرڊ سان ڳنڍي ڇڏيو جنهن سان قومي گرڊ کي 1100 ميگاواٽ ماحول دوست بجلي حاصل ٿيندي.پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم کي خوشخبري ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ايٽمي بجلي گهر ڪينپ ٽو نيشنل گرڊ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي جنهن سان 1100 ميگاواٽ جي ماحول دوست، سستي ۽ ڀروسي جوڳي بجلي هوندي.هلندڙ سال فيبروري ۾ شروعاتي جاچ بعد پاور پلانٽ تي حفاظتي ٽيسٽنگ ۽ جاچ پڙتال جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي وئي هئي ۽ ان کان اڳ ڊسمبر ۾ پاڪستان نيوڪلئير ريگيوليٽري اٿارٽي کان اجازت بعد پاور پلانٽ ۾ ايٽمي توانائي جو ڪم ڪم ويو هو.ترجمان موجب ان کان پهريان پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي انتظام هيٺ پنج ايٽمي بجلي گهر هلي رهيا آهن جن مان هڪ ڪراچي ۾ ڪينپ ۽ ٻيا چار پلانٽ چشما جي جاءِ تي موجود آهن، ڪي ٽو پاور پلانٽ مئي ۾ باقاعده ڪمرشل آپريشن جي شروع ڪري ڇڏيندو.










