حاڪم علي چانڊيو
ٽيهه ورهين کان پاڪستان, بندوق، قرض ۽ خوف جي ٽڪنڊي ۾ ڦاٿل آهي، ۽ جڏهن اهڙي پسمنظر ۾ حڪمران چوي ٿو ته جنگيون ڪرائي تي هيون، تڏهن اهو جملو تقرير نه، پر انهن پاليسين جو پوسٽ مارٽم بڻجي وڃي ٿو جن قوم کي زنده لاش بڻايو۔هي بيان ڪا معمولي سياسي تقرير نه هئي، هي رياست جي زبان مان نڪتل هڪ دير سان ڪيل اعتراف هو، اهڙو اعتراف جيڪو جيڪڏهن ٽيهن ورهيہ اڳ ڪيو وڃي ها ته شايد اڄ هي ملڪ لاشن، ڌماڪن، انتهاپسندي، بي اعتمادي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جي هن کوهه ۾ نه هجي ها. خواجا آصف قومي اسيمبلي جي فلور تي چيو ته اسان ڀاڙي تي جنگيون وڙهيون، غلطين جو اعتراف ڪرڻو پوندو. هي جملي جي سادگي نه، پر ان جي پويان لڪل الميي جي وسعت آهي، ڇو ته هي جملو رڳو ماضي جي ڳالهه نه ٿو ڪري، هي حال جو احتساب ۽ مستقبل جو سوال آهي. سوال اهو ناهي ته جنگيون ڪرائي تي هيون يا نه، سوال اهو آهي ته ڪرايو ڪنهن ورتو، فيصلا ڪنهن ڪيا، پاليسيون ڪنهن ٺاهيون، ۽ قيمت ڪنهن ادا ڪئي؟
نائن اليون کان پوءِ پاڪستان کي فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻايو ويو، پر سچ اهو آهي ته پاڪستان کي فرنٽ لائن نه، پر فرنٽ لائن تي قرباني لاءِ بيهاريو ويو. آمريڪا لاءِ هي هڪ اسٽريٽجڪ جنگ هئي، عالمي بالادستي بچائڻ جي جنگ، جڏهن ته پاڪستان لاءِ هي بقا جي جنگ بڻجي وئي، پر فيصلا ڪندڙن ڪڏهن به ان کي بقا جي جنگ سمجهي عوام سان ايمانداري نه ڪئي. عوام کي ٻڌايو ويو ته هي جهاد آهي، هي اسلام جي جنگ آهي، هي ايمان جي آزمائش آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ هي جيوپوليٽڪس هئي، سپر پاورز جي شطرنج، جنهن ۾ مهرا اسان جا ڳوٺ، اسان جا نوجوان، اسان جا مدرسه، اسان جون گهٽيون بڻيون.
خواجا آصف جو اهو چوڻ ته نائن اليون افغانستان نه ڪيو ۽ نه ئي ان ۾ ڪو افغان، پشتون يا هزارا ملوث هو، رڳو هڪ حقيقت جو اظهار نه، پر انهن سمورن نيئرٽويوز جي ترديد آهي، جيڪي سالن تائين نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. جيڪڏهن نائن اليون افغانستان نه ڪيو، ته پوءِ افغانستان کي تباهه ڪرڻ ۾ اسان ڇو شامل ٿياسين؟ جيڪڏهن اها جنگ اسان جي نه هئي، ته پوءِ اسان جا شهر ڇو ميدان جنگ بڻيا؟ جيڪڏهن اها سپر پاور جي جنگ هئي، ته پوءِ اسان جي نصاب ۾ ان کي مقدس ڇو بڻايو ويو؟
رياست جڏهن طاقت جي سياست ۾ اخلاقيات کي قربان ڪري ٿي، ته پوءِ ان جو نتيجو Blowback جي صورت ۾ نڪري ٿو، ۽ پاڪستان ان Blowback جو زنده مثال آهي. اڄ جيڪا دهشتگردي، خودڪش حملا، فرقيوارانه تشدد، رياست ۽ عوام جي وچ ۾ بي اعتمادي آهي، اها ڪنهن اوچتي آفت جو نتيجو نه، پر انهن پاليسين جو قدرتي انجام آهي، جيڪي بند ڪمرن ۾ ٺاهيون ويون، بغير عوامي مينڊيٽ، بغير قومي بحث، بغير تاريخي شعور جي. جنگيون ختم ٿي ويون، آمريڪا صدر بدلائي ڇڏيا، پر بارود، ڪلاشنڪوف، عسڪريت پسندي ۽ قبرستان اسان وٽ رهجي ويا.
خواجا آصف چيو ته اسان پنهنجو نصاب واپس نه آڻي سگهياسين، سڄي تاريخ تبديل ڪئي. هي اعتراف سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڇو ته نصاب رڳو ڪتاب نه هوندو آهي، نصاب ذهن ٺاهيندو آهي، شعور کي شڪل ڏيندو آهي. جڏهن رياست شعوري طور تي تاريخ کي مسخ ڪري ٿي، ته پوءِ نسلن کي سچ کان پري ڪري ٿي. اسان کي ٻڌايو ويو ته جنگون پاڪ هيون، دشمن هڪجهڙا هئا، سوال ڪرڻ غداري هو، ۽ اختلاف ڪفر. نتيجي ۾ اسان هڪ اهڙو سماج ٺاهيو، جتي تنقيد دشمن جي زبان سمجهي وئي ۽ تشدد کي حب الوطني جو لباس پارايو ويو.
هي به هڪ تلخ حقيقت آهي ته جڏهن آمريڪا پنهنجي ضرورت پوري ڪري هليو ويو، تڏهن اسان وٽ رڳو تباهي بچي. خواجا آصف جو چوڻ ته آمريڪين اسان کي ڇڏي ڏنو، پر اسان کي عقل نه آيو، اصل ۾ رياست جي اجتماعي ناڪاميءَ جو اعتراف آهي. عقل نه اچڻ جو مطلب هي آهي ته اسان پاليسيون تبديل نه ڪيون، نيئرٽويو تبديل نه ڪيا، طاقت جي مرڪزن کي چئلينج نه ڪيو، ۽ سڀ کان اهم، عوام کي سچ ٻڌائڻ جي همت نه ڪئي.
هو چوي ٿو ته هڪ شخص ملڪ کي آمريڪا جي خوشنودي لاءِ فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو. سوال اهو آهي ته ڇا اهو شخص اڪيلو هو؟ ڇا پاليسي هڪ ماڻهو ٺاهيندو آهي يا هڪ مڪمل طاقتور ڍانچو؟ جيڪڏهن ذميواري صرف هڪ فرد تي وجهي تاريخ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ته هي به هڪ نئون فريب هوندو. تاريخ فردن کان وڌيڪ ادارن، فيصلا سازي جي طريقن ۽ طاقت جي عدم توازن جي ڳالهه ڪندي آهي.
اعتراف اهم آهي، پر اعتراف ڪافي ناهي. جيڪڏهن خواجا آصف جو بيان صرف تقريرن تائين محدود رهيو، جيڪڏهن ان کان پوءِ به نصاب ساڳيو رهيو، نيئرٽو ساڳيو رهيو، دهشتگردي جي سٺي ۽ بري جي ورهاست جاري رهي، ۽ پاليسي ساز اڪائونٽيبل نه ٿيا، ته پوءِ هي اعتراف به هڪ سياسي جملي کان وڌيڪ حيثيت نه رکندو. قومن جو اڳتي وڌڻ صرف ماضي مڃڻ سان نه، پر ماضي جي نتيجن کي درست ڪرڻ سان ٿيندو آهي.
اڄ جڏهن قومي اسيمبلي اسلام آباد ڌماڪي جي مذمتي قرارداد منظور ڪري ٿي، تڏهن سوال اڀري ٿو ته ڇا اسان واقعي دهشتگردي کي سمجهيو آهي يا اڃا به ان کي چونڊيل نظر سان ڏسون ٿا؟ ڇا اسان واقعي سڀني نيٽ ورڪس، سڀني سهولتڪارن، سڀني فڪري مرڪزن خلاف بغير فرق ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، يا رڳو بيانن تائين محدود رهنداسين؟
قائداعظم اتحاد، تنظيم ۽ ايمان جو درس ڏنو هو، پر اسان ان کي الٽو ڪري ايمان کي نعري ۾، اتحاد کي طاقتور لاءِ، ۽ تنظيم کي ڪنٽرول جو اوزار بڻايو. اسان غير ملڪي حملا آورن جا نالا رستن تي رکيا، پر پنهنجن لاشن جي ڳڻپ وساري ويٺاسين. اسان جنگين کي قومي فخر بڻايو، پر امن کي ڪمزوري سمجهيو.
خواجا آصف جو بيان هڪ در کولي ٿو، پر ان در مان گذرڻ جي همت رياست کي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان واقعي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، ته پوءِ صرف اهو نه چئون ته جنگيون ڪرائي تي هيون، پر اهو به ٻڌايون ته هاڻي ڪا به ڪرائي جي جنگ نه وڙهبي، نه هٿيار سان، نه نيئرٽو سان، نه پراڪسيز سان. ڇو ته جنگيون شايد ختم ٿي وڃن، پر انهن جا زخم نسلن تائين رهندا آهن، ۽ پاڪستان اڄ به انهن زخمَن سان جهيڙي رهيو آهي.










