لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل نئين حڪومت کان ڪرڪيٽ کاتي کي بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ ڪامران اڪمل چيو ته ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي بندش سبب ڪيترائي ڪرڪيٽر بيروزگار ٿي ويا آهن، مان نئين حڪومت کي درخواست ڪريان ٿو ته ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ کي بحال ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن رميز راجا سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ته کيس عهدي تي رهڻ گهرجي.










