ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ويو ڀرسان ڪنٽينرن سان ڀريل سامونڊي ڪارگو جهاز سمنڊ ۾ ڦاسي پيوآهي. جهاز هينگ ٽونگ 77 سمنڊ ڪناري کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڦاٿل آھي. ڪي پي ٽي ۽ نيوي جون ريسڪيو ٽيمون روانيون ٿي ويون، اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز جي انجڻ خراب ٿي وئي هئي، جنهن بعد سامونڊي لهرن جي ڪري ڌڪجي ڪناري تي اچي ويوآهي.










