ڪارنهن الزام هيٺ پيءَ هٿان ڌيءَ ۽ نوجوان قتل

ڪارنهن الزام هيٺ پيءَ هٿان ڌيءَ ۽ نوجوان قتل

جيڪب آباد (ن سنڌيار)جهل مگسيءَ ۾ڪارنهن الزام هيٺ پيءُ پنهنجي ڌيءُ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ هزار خان  مگسي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پيءُ مير حسن پنهنجي ڌيءُ ۽ نوجوان محمد وڪيل بروهي کي ڪلاشن ڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي ليويز ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش جهل مگسي اسپتال پهچايا. مقتول ناري ۽ نوجوان جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل محمد وڪيل بروهي اوستامحمد جو رهواسي هو جيڪو جوابدار ميرحسن جي دعوت تي آيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو