ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪارساز سانحي جو واقعو سڄي دنيا ۾ سياسي ڪارڪنن تي ٿيندڙ دهشتگردي جو وڏو واقعو هو اڄ اسان انهن شهيدن جي 15هين ورسي ملهائي رهيا آهيون پارٽي جي اعليٰ قيادت فيصلو ڪيو ته هن ڀيري ٻوڏ سبب جلسو نه ڪنداسين پي ٽي آئي کي پنهنجي هار تسليم ڪرڻ گهرجي سڀ کي پتو آهي ته 2018 ۾ ان جي حڪومت ڌانڌلي ڪري آئي هئي عمران خان پنهنجي هار تي ملتان وارن کي ڪڪڙ بڻايو آهي ۽ ڪراچي وارن کي ابتو ٽنگيندو اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري جي ڏينهن اعظم بستي، ۽ چنيسر ٽائون ۾ سانحي 18 آڪٽوبر جي 8 شهيدن جي قبرن تي حاضري ۽ انهن قبرن تي گل رکڻ ۽ فاتحه کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن کان پوءِ صوبائي وزير سعيد غني شهيدن جي يادگار ڪارساز تي به حاضري ڀري ۽ اتي گل چاڙهيا جنهن کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ان موقي تي وقار مهدي، جاويد ناگوري، آصف خان، سلمان مراد، فرحان غني، قمر احمد ۽ ٻيا به ان سان گڏ هئا. سعيد غني چنيسر ٽائون ۽ پوءِ اعظم بستي جي قبرستان ۾ دفن 18 آڪٽوبر سانحي جي8 شهيدن جي قبرن تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اڄ اسان 15هين ورسي ملهائي رهيا آهيون هن چيو ته پ پ جي ليڊر شپ فيصلو ڪيو ته هن ڀيري ٻوڏ سبب جلسو نه ڪنداسين پر ملڪ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ يونين جي سطح تي قرآن خواني ۽ انهن شهيدن لا3 اجتماعي دعا جو اهتمام ڪيو ويندو هن چيو ته اڄ اسان ڪارساز سانحي جي يادگار تي وينداسين سعيد غني چيو ته اڄ پيپلزپارٽِ جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي اسان جا 150 کان وڌيڪ ڪارڪن ڪارساز جي هن هنڌ تي شهيد ٿيا هئا ۽ 500 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿيا هئا هي دهشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو هو هن چيو ته حسب روايت 18 آڪٽوبر جي شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏيڻ آيا آهيون ۽ اڄ ڪراچي ۾ جن جن قبرستان ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن جون قبرون آهن اتي پارٽي جا عهديدار ۽ ڪارڪن فاتحه خواني لاءِ وڃي رهيا آهن.










