ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي شهري کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ موت جي سزا خلاف ٻن جوابدارن فرمان ۽ جهانگير جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت کين ٽرائل ڪورٽ پاران ڏنل موت واري سزا برقرار رکڻ جو حڪم ٻڌايو. سرڪاري وڪيل موجب ڄاڻايل جوابدارن ڦر دوران مزاحمت تي شهري حافظ عبدالاعلي کي قتل ڪيو هو. ڄاڻايل جوابدارن خلاف 2011ع ۾ گلشن اقبال ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيو هو.










