ڏکڻ آفريڪا 404 تي آئوٽ، پاڪستان جي بيٽنگ جاري

ڏکڻ آفريڪا 404 تي آئوٽ، پاڪستان جي بيٽنگ جاري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ۾ پاڪستان جي 333 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٽيل اينڊرن جي شاندار بيٽنگ سبب 404 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيل اينڊرن زبردست بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، مهمان ٽيم آخري 3 وڪيٽن تي 194 رنسون جو اضافو ڪندي پاڪستان تي 71 رنسن جي برتري حاصل ڪئي. ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريقا پنهنجي نامڪمل پهرين اننگز 185 رنسن 4 رانديگر آئوٽ سان ٻيهر شروع ڪئي، پر آصف آفريدي بنا ڪنهن رن جي اضافي جي ڊيولڊ بريوس کي پويلين موڪليو. ان کان پوءِ آصف آفريدي ڪائل ويرييني ۽ سيٽ بيٽر ٽرسٽن اسٽبس کي به آئوٽ ڪري پنهنجي پهرين ئي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پنج شڪار مڪمل ڪيا. مارڪو جينسن کي نعمان علي ايل بي ڊبليو ڪيو. 8 رانديگرن جي جلد آئوٽ ٿيڻ بعد سينورن مٿوسوامي ۽ ڪيشو مهاراج شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ 71 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، جڏهن ته مٿوسوامي ربادا سان گڏجي قيميتي 98 رنسون جو اضافو ڪيو ۽ ٽيم جو اسڪور 404 تائين پهچايو. ڪگيسو ربادا 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 71 رنسون ٺاهي آصف آفريدي جو ڇهون شڪار بڻيو، جڏهن ته مٿوسوامي 89 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان آصف آفريدي شاندار بالنگ ڪندي 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته نعمان علي کي 2 وڪيٽون مليون ۽ شاهين آفريدي ۽ ساجد خان هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 333 رنسون ٺاهيون هيون، جن ۾ ڪپتان شان مسعود 87 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي، جڏهن ته سعود شڪيل 66 ۽ عبدالله شفيق 57 رنسن جون اننگزون کيڏيون هيون. ڏکڻ آفريقا طرفان ڪيشو مهاراج 7 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو