اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ڌيءَ کي لڪائڻ جي الزام ۾ نااهلي ڪيس ۾ درخواستگذار نوان دستاويز کڻي آيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان نااهلي ڪيس ۾ درخواستگذار 138 صفحن تي ٻڌل تفصيلي درخواست 12 نون دستاويزن سان گڏ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڪيليفورنيا جي عدالت جي فيصلي جي ڪاپي پڻ رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.عمران خان خلاف شيرفگن نيازي، فاروق ستار جي ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڏنل حلف نامن جون ڪاپيون به شامل آهن.درخواستگذار ضمني چونڊن ۾ 7 سيٽن تي ڪاميابي جو گزيٽيڊ نوٽيفڪيشن به رڪارڊ تي رکڻ جي استدعا ڪئي ۽ چيو ته عمران خان ننڍي چونڊ ۾ 7 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. اليڪشن ڪميشن اين اي 45 تان عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هاڻوڪي پيش رفت سبب درخواست ۾ ترميم ضروري آهي، درخواست جي ترميم باوجود ڪيس جي نوعيت تبديل نه ٿيندي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان تازو نامزدگي ڪاغذن ۾ به ٽيرين جيڊ وائيٽ جو ذڪر ناهي ڪيو.










