ڊي ايم سي سائوٿ 7 آفيسرن کي هٽائي ڇڏيو

ڊي ايم سي سائوٿ 7 آفيسرن کي هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري کاتي ڊي ايم سي سائوٿ جي 7 ڪامورن کي مختلف الزامن هيٺ هٽايو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري نجم شاھ پاران ڊي ايم سي سائوٿ جي 18هين گريڊ جي ڊائريڪٽر بجيٽ ۽ فنانس مقصود بنڌاڻي، 18هين گريڊ جي ڊائريڪٽر اسپورٽس آصف عظيم، 17هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ سيد ڪاظم شاھ، 18هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر (ايڊمن) تنوير احمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر صديق سواتي، 18هين گريڊ جي ڊائريڪٽر انفرااسٽرڪچر نظام احمد، 17هين گريڊ جي ڪونسل آفيسر قمر احمد ۽ 14هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ظفر نور مسعودي ۽ 14هين گريڊ جي ملازم فيصل مينڌرو کي مختلف الزامن هيٺ هٽائي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هٽايل ڪامورن ۽ ملازمن تي لڳل الزامن جي جاچ لاءِ سروس رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو