آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اڄ ٻيهر اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 284 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 92 پيسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي جيڪا مليل جليل رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 15 پوائنٽس وڌي 40893 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 40,877 پوائنٽس تي بند ٿيو.










