ليکڪ علي احمد
پاڪستان گهيري هيٺ، انتهاپسندي، سماج ۽ رياست جي عنوان سان مديحا افضل جو ڪتاب نطر مان گذريو، جيڪو پاڪستان جي موجوده حالتن جو عڪاس آهي. پاڪستان اندر مذهبي انتهاپسندي هڪ خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي آهي. ۽ پنهنجي جوهر کي مختلف مظهرن ۾ اظهاري رهي آهي. مثال طور؛ ڪٿي اسلام جي نانءَ تي دهشتگردي ٿي رهي آهي ته ڪٿي وري مذهب کي استعمال ڪندي اقليتن کي هيسايو وڃي ٿو. آئِين منجهه مرضيءَ جي مطابق ترميمون ڪرائڻ لاءِ حڪومتي رٽ کي للڪاريو وڃي ٿو. مذهبي بنيادن تي ملڪي خارجي پاليسيون جوڙڻ لاءِ حڪومت کي مجبور ڪيو وڃي ٿو. ملڪ اندر نواڻ ۽ جدت جي هر روپ کي ڪچليو وڃي ٿو ۽ پراڻ کي مقدس ڄاڻائي، اُن جي دفاع ڪيو وڃي ٿو. ملڪي تعليمي سرشتي اندر گهربل تبديلين جي رستاروڪ ڪندي، فرسوده ۽ مدي خارج نصاب کي پڙهايو وڃي ٿو. اهڙين حالتن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ملڪ اندر وڌندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان جي اوسر، واڌ ويجهه ۾ ڪهڙا محرڪ شاملا آهن؟ ان ۾ رياست جو ڪيترو حصو پتي شامل رهيو آهي ۽ جي رهيو آهي ته رياست کي ان جي ضرورت ڇو پئي؟ ان انتهاپسندي کي ڪهڙيءَ ريت مختلف طرز جي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويو. وغيره…! انهن ۽ اهڙن ٻين گهڻن ئي سوال جا جواب مديها افضل جو هي ڪتاب ڏئي رهيو آهي. ۽ ان سلسلي ۾ پاڻ هن ڪتاب تي نظر وجهي ملڪ اندر وڌندڙ انتهاپسندي ۽ بنياد پسندي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. بنيادي طور هي ڪتاب، پاڪستان جي رياستي بيانيي تي ڇتي تنقيد ڪندي رياستي ساک کي وائکو ڪري ٿو ته ڪهڙيءَ ريت مذهب کي استعمال ڪندي، غير فطري ملڪ جي قيام لاءِ جواز پيدا ڪيا ويا. ڇا لاءِ مذهبي جنوني مُلان پيدا ڪري انهن جي هٿن ۾ هٿيار پڪڙايا ويا.
هِن ڪتاب جي پهريون باب عام ماڻهن جي ذهنن جي عڪاسي ڪري ٿو ته، هو هن رياست جي قيام کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ افغان جنگ دوران پيدا ڪيل مذهبي جنونين جي ڪيل ڪاروائين بابت ڪهڙو موقف رکن ٿا؟ اولهه ۽ هندستان بابت سندن جي راءِ ڪهڙي آهي. انهن سوالن جي جوابن لاءِ ليکڪه مختلف سرويز جا رڪارڊ پيش ڪندي ثابت ڪري ٿي ته پاڪستاني عوام مجموعي طور تي پاڪستان کي اسلام جو قلعو تصور ڪري ٿي ۽ ايتري قدر جو مذهبي بنيادن تي دهشتگردي کي به ڪنهن قدر چڱو سمجهي ٿي.
ٻيون ۽ ٽيون باب ئي هن ڪتاب جو روح آهن. جنهن ۾ دهشتگردي متعلق پاڪستاني موقف جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي ته ڪهڙي طريقي سان هي رياست دهشتگرد ۽ انتهاپسند ڌرين کي استعمال ڪندي رهي آهي. ليکڪه لکي ٿي ته هن غيرفِطري ملڪ جي زبردستي قيام ۽ ان ۾ مختلف قومن جي الِحاق کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ مذهب کي هٿي وٺرائي وئي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مذهبي ويڇا چٽا ڪري، ٻه قُومي نظريي کي جسٽيفاءِ ڪيو ويو. ملڪ ۾ رهندڙ مختلف قومن جي مذهبي بيهڪ کي استعمال ڪندي قومن جي مادي ۽ تاريخي وجود کي ننديو ويو ۽ مرڪز کي مضبوط ڪندي هڪ اهڙي قوم جو تاثر پيدا ڪيو جيڪا الهامي هجي. سندس جي قيام جي وڏي وجهه ۽ مقصد ﷲ ۽ ان جي دين جي حفاظت ڪرڻ ڏيکاريو ويو. حڪومتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ان اسلامي نعري ۽ جهنڊي هيٺ مهاجر پنجابي ڳنڊجوڙ قائم ڪري، اردو جهڙي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو ۽ محڪوم قومن کي اهو محسوس ڪرايو ويو ته پاڪستان سان ئي جڙي رهڻ سان سندن جي بقا مشروط آهي ۽ اهڙيءَ ريت اسلامي قومپرستي ۽ ڀارت کان نفرت واري جذبي کي رياستي سطح تي اڪسايو ويو. جماعت اسلامي جهڙي مذهبي جماعت (جنهن پاڪستان جي قيام جي مخالفت ڪئي هئي) کي فائده پهچائي حمايت حاصل ڪئي وئي. جناح جي ڪيل خودمختياري ۽ سيڪيولرزم واري واعدي کان هٽي ڪري 1956ع وارو آئين، مذهبي بنيادن تي جوڙي پاڪستان کي رياستي سطح تي مذهب جي ماتحت ڪري هڪ ڇرڪائيندڙ ۽ خوفناڪ دور جي شروعات ڪئي وئي. بعد ۾ ايوب خان جي پيش ڪيل 1962ع واري آئين هڪ نئين اميد جاڳائي ۽ لڳو ته رياست ۽ مذهب وچ ۾ لڪير چٽي ڪئي ويندي جو هن آئين کي قرآن ۽ شريعت کان الڳ ڪري بيهاريو ۽ پاڪستان کي “جمهوريه پاڪستان” بڻايو. پر اميد جو اهو ٽانڊو به وسامجي ويو. بنگلاديش جي ورهاڱي ۽ بنگالين جي بغاوت کان پوءِ، هڪ ڀيرو ٻيهر سگهارن هٿن سوچو ته ملڪ اندر اسلامي قومپرستيءَ جي جذبي کي هٿي وٺرائي محڪوم قومن کي مظلوميت طرف ڌڪي سگهجي ٿو. ۽ ڀارت مخالف بيانيي کي استعمال ڪندي، ملڪ اندر ٻڌي ۽ ايڪي کي قائم رکي سگهجي ٿو. ٽٽندڙ ملڪ کي بچائڻ لاءِ قومن ۾ مذهبي هڪڙائيءَ جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ذوالفقار ڀٽي هٿان 1973ع وارو آئين پيش ڪري، رياست کي هڪ ڀيرو ٻيهر مذهب جي ماتحت ڪيو ويو. نه صرف ايترو پر رياستي سطح تي احمدين خلاف آئين سازي ڪري ملڪ اندر وهابيت ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏني وئي. جنهن ضياءُ الحق جهڙي آمر لاءِ آساني پيدا ڪئي ۽ هن پنهنجي آمريت کي ملڪ دوست ۽ مذهب دوست ثابت ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر اسرائيل ۽ ڀارت مخالف بيانيي کي هٿي وٺرائي. اقليتن کي ديوار سان لڳائي ملڪ اندر ڪارا قانون متعارف ڪرايا. آمريڪا ۽ سعودي عرب جي فنڊنگ تي مدرسن اندر مجاهدَ تيار ڪري جهادي جذبي کي استعمال ڪندي سياسي مفاد ماڻيا. اِهي اُهي بنيادي قدم هئا. جن جو اثر اڄ تائين هي ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. افغان جنگ کان بعد ڪشمير جي آزادي لاءِ لشڪرِ طيبه کي فنڊنگ ڪئي وئي. ۽ ٻي پاسي ساڳين ئي مجهادن شريعت کي نافذ ڪرڻ لاءِ حڪومت کي مونجهائڻ شروع ڪيو. افغان طالبان ۽ تحريڪ طلبان پاڪستان جي دهشتگرد ڪارروائين رياست کي مجبور ڪيو ته هو طالبان سان ڳالهيون ڪرين ۽ سوات کي سندن جي اثر هيٺ قبول ڪرين.
دهشتگردي جي واقعن ۾ هيل تائين تقريبًا 25000 ماڻهو مري چڪا آهن. ۽ جنهن بابت عام موقف اهو آهي ته انهن دهشتگرد حملن پٺيان ڀارت آهي. پر هن ملڪ جون حڪومتون ۽ ادارا پنهنجو غلطيون مڃڻ لاءِ تيار ناهن. توڙي جو احسان ﷲ احسان جي روپ ۾ ڪئي ڪردار رياست جي پت وائکي ڪري چڪا آهن.
هن ڪتاب جي چوٿين باب ۾ پاڪستان جي تعليمي سرشتي جو ذڪر ٿيل آهي. جنهن ۾ ليکڪه اهو واضح ڪري ٿي ته هن ملڪ جي تعليمي ادارن جي نصاب اندر اولھ ۽ ڀارت مخالف مواد شامل ڪري نفرت کي وڌايو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ ننڍين قومن جي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ملڪ اندر مذهبي بنيادن تي هڪ جهڙائي جو احساس پيدا ڪيو وڃي ٿو.
ليکڪه ملڪ جي مدرسن ۽ اسڪولن ۾ پڙهايا ويندڙ درسي ڪتابن جي تبديلي تي زور ڏيندي لکي ٿي ته ” مون کي مدرسن ۽ اسڪولن جي شاگرد جي شعوري سطح ۾ ڪو گهڻو فرق محسوس نه ٿيو جو اڻويهين، ويهين جي فرق سان تقريبًا جا ئي خيال دهشتگرد تنظيمن جي حمايت ۾ هڪ جهڙا هئا”.
جيڪڏهن درست وقت تي درست فيصلا ڪيا وڃن ها ۽ مذهبي تنظيمن مخصوص مفادن لاءِ هٿي نه وٺرائي وڃي ها ته هي رياست ايتري ڪمزور نه هجي ها جو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جهڙي تنظيم ملڪ بند ڪرائي سگهن ها. تنهنڪري وقت اچي چڪو آهي ته هي ملڪ قبلو درست ڪري. عالمي صورتحال کي پرکي، پروڙي ۽ مذهب کي رياست کان جدا ڪري. مان ڀانيان ٿو ته ان ڏس ۾ ليکڪه جون ڏنل هيٺيون سفارشون ، هن ملڪ لاءِ فائديمند رهنديون.
1- رياست کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو.
2- ملڪ اندر جهاد ۽ انتهاپسندي متعلق موجود مواد کي هٽايو وڃي.
3- ملڪي آئين ۾ بنيادي تبديليون ڪري اقليتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
4- اسلام جي جديد تشريح ڪري، غلط استعمال کان بچايو وڃي.
5- نصاب ۾ بنيادي تبديليون ڪري، ترقي پسند خيالن کي هٿي وٺرائي وڃي.
6- ملڪ اندر انتشار ڦلائيندڙ ڌرين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
7- ننڍين قومن جي تاريخ ۽ تهذيب سان هٿ چراند ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ۽ سندن جي ٻولي جي اوسر لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.
پاڪستاني گهڻ رخي ۽ مبهم سماج اندر وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي جي روڪٿام لاءِ بيحد ضروري آهي ته اسين ماضيءَ جا پيرا کڻون. ان ڏس ۾ رياست جي ٽن بنيادي قوتن (فوج، حڪومت ۽ مذهبي ڌرين) جي نئين سري سان جاچ پڙتال ڪيون. انهن جي واڌ ويجهه ۽ اوسر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. ان ڏس ۾ هي ڪتاب (هن ڪتاب جي هڪ خاص ۽ سٺي ڳالھ اها آهي ته هي عام ماڻهن جي ذهنن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اسان کي سماج جي شعور جي سطح کان آگاهه پڻ ڪري ٿو) ڏاڍو لاڀائتو آهي. سڀني دوستن کي پڙهڻ گهرجي ته جيئن اسان انهن انتهاپسند روايتن جي رستاروڪ جي ڏس ۾ گهربل شعوري قابليت ۽ لياقت ماڻي سگهون ۽ سماج کي درپيش ايندڙ نون خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار پڻ ڪري سگهون. (هي مضمون واٽس ايپ گروپ تي سرڪيوليٽ ٿي رهيو هو ۽ ڪتاب بابت ڄاڻ بهتر لڳي، اسين پنهنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪريون ٿا. ادارو)










