چيٽ جي پي ٽي کي سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

چيٽ جي پي ٽي کي سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اوپن اي آءِ پنهنجي مصنوعي ذهانت جي چيٽ بوٽ، ’چيٽ جي پي ٽي‘کي هڪ “سپر ايپ” ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿا بندي ڪري رهي آهي۔
فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب، اوپن اي آءِ چاهي ٿي ته ChatGPT کي ڪوڊنگ اوزارن ۽ AI ايجنٽن تي ٻڌل هڪ سپر ايپ بڻايو وڃي، جيئن ڪمپني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڃڻ کان اڳ پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪري سگهي۔
ان مقصد لاءِ اوپن اي آءِ جي اندر اهم تبديليون آنديون وينديون ۽ وسيلن کي وڌيڪ وڏن ڪارپوريٽ گراهڪن کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته حريف ڪمپني Anthropic سان مقابلي کي به وڌيڪ تيز ڪيو ويندو۔
هن وڏي تبديلي سان اوپن اي آءِ جي ڪوڊنگ پراڊڪٽ Codex (ڪوڊيڪس) کي وڌيڪ وسيلا فراهم ڪري سگهبا۔
رپورٽ موجب اوپن اي آءِ ChatGPT جي انٽرفيس کي نون فيچرن ذريعي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي۔
اهي نوان پرامپٽ ۽ فيچر استعمال ڪندڙن کي ڪوڊنگ اوزارن، تصويرون ٺاهڻ واري سهولت ۽ ٽئين ڌر جي خدمتن جهڙوڪ Canva ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن۔
ڪمپني کي اميد آهي ته هن سال جي آخر تائين ان جي سبسڪرپشن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڪوڊيڪس جا استعمال ڪندڙ ماهوار فيس ادا ڪندا۔
واضح رهي ته ChatGPT جي ماهوار استعمال ڪندڙن جو انگ هڪ ارب (1 بلين) تائين پهچي چڪو آهي، جن مان لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ ماڻهو ماهوار فيس ادا ڪن ٿا۔

پهنجو تبصرو موڪليو