چين جو مسافر جهاز تباهه133 مسافر جيئرا سڙي ويا

چين جو مسافر جهاز تباهه133 مسافر جيئرا سڙي ويا

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين جي شهر ڪونمينگ کان گوانگزو ويندڙ مسافر جهاز پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي ڪري تباهه ٿي ويو، پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب چائنا ايسٽرن ايئر لائن جو جهاز 133 مسافرن کي کڻي گوانگزو وڃي رهيو هو ته ڏکڻ اولهه چين ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. بوئنگ 737 ووزو شهر جي ويجهو گوانگزي زوانگ خودمختيار علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، ۽ جهاز کي ڪرڻ بعد باهه لڳي وئي. صوبائي ايمرجنسي مئنيجمينٽ بيورو جو حوالو سان ٻڌايو ويو آهي ته ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ موڪليون ويون آهن. هي بوئنگ جهاز 6 سالن کان ڪمپني جي استعمال هيٺ هو. ايوي ايشن سيفٽي نيٽ ورڪ موجب چين ۾ آخري جهاز حادثو 2010 ۾ ٿيو هو، جڏهن هينان ايئرلائن جو ايمبرير اي-190 ريجنل جيٽ يشون ايئرپورٽ جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو هو. جنهن ۾ 96 مان 44 ڄڻا مارجي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو