لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻن چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي ۾ سياسي ويڇا آهن پر لاڳاپا برقرار آهن.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري ڀائرن جمعي جي نماز گڏجي ادا ڪئي.ذريعن اهو به ٻڌايو ته مهمان اچڻ تي ٻئي ڄڻا هڪٻئي جي گهر به ويندا آهن.ذريعن وڌيڪ چيو ته چوڌري شجاعت حسين کي پارٽي قيادت کان هٽائڻ کانپوءِ پرويز الاهي ۽ چوڌري شجاعت گڏجي نماز ادا ڪئي.










