اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ چونڊن بابت فيصلو پارليامينٽ ڪندي.اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، ميان افتخار، خالد مقبول صديقي، آفتاب شيرپائو، خالد مگسي، آغا حسن بلوچ، چوڌري سالڪ حسين، طارق بشير چيما، ساجد مير، حافظ عبدالڪريم، مريم اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ راڻا ثناءُ الله، قمر زمان ڪائره، اياز صادق ۽ اسحاق ڊار سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چونڊون گڏجي ڪرايون وڃن يا الڳ الڳ ۽ ڪڏهن ٿينديون.پارليامينٽ فيصلو ڪندي.اتحادي پارٽين فيصلو ڪيو ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي ڪوشش ڪندا پر ڪنهن جي ضد، انا ۽ خواهش موجب فيصلا نٿا ڪري سگهجن، جڏهن ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو فورم استعمال ڪيو ويندو.اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ بابت پارليامينٽ پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي، پارليامينٽ جو فيصلو بالادست آهي، سڀني کي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي…. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ثالثي ۽ پنچائت سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي، سپريم ڪورٽ جو ڪم آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻ آهي.اتحادي پارٽين جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي اسيمبلي ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس چئلينجن کي منهن ڏئي چڪو آهي. حڪومت لاءِ صورتحال اڃا به چئلينج آهي، حڪومت ٽي رڪني بينچ جو فيصلو قبول نه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٽي يا چار آهي. سپريم ڪورٽ اليڪشن فنڊن بابت جواب طلب ڪري ورتو، اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ جي فيصلي جو احترام ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ثالثي ۽ پنچائت سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي، سپريم ڪورٽ جو ڪم قانون ۽ آئين موجب فيصلا ڪرڻ آهي. آڪٽوبر يا نومبر سان گڏ چونڊن جي تاريخ جي طئي ڪئي وڃي، اتحادي حڪومت هڪ آخري ڪوشش ڪئي ته هر ڪنهن کي چونڊن تي اتفاق ڪيو وڃي.هن چيو ته عمران خان بي شرمي سان آمريڪا تي سازش جو الزام لڳائي يوٽرن وٺي ڇڏيو،هن چيو ته اسان کي ڳالهين جا دروازا بند نه ڪرڻ گهرجن، ڳالهين جو فارميٽ ڇا هوندو اهو فيصلو ويهي ڪري سگهجي ٿو، پارلياماني ڪميٽي ان معاملي ۾ گنجائش پيدا ڪري سگهي ٿي.اتحادي پارٽين اليڪشن جي تاريخ تي ڪوشش ڪئي، ان کي انا جو مسئلو نه بڻايو.










