ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي جيڪا تاريخ هوندي، ان سان مڪمل سهڪار ڪنداسين. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اليڪشن ڪرائڻ ۽ ڪنهن وقت تي ڪرائڻي آهي اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي پر پي ٽي آءِ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو الزام پ پ تي هڻي رهي آهي، اسان عدالت ۾ به اهو ئي چيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، اسان جو موقف آهي ته جيڪا تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي اسان مڪمل سهڪار ڪنداسين. هن چيو ته اسان چونڊن لاءِ تيار هئاسين، اختيارن جو اليڪشن ۽ تڪ بندين سان ڪو واسطو ناهي، اسان اختيارن جي حوالي سان قانون ۾ ترميم آڻي رهيا آهيون، تڪ بنديون به قانون موجب ٿيون آهن، اسان جو مطالبو آهي ته چونڊون آچر تي ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته حافظ نعيم پنهنجي گهر جو ميئر بڻجي سگهي ٿو، ڌرڻن ۽ احتجاج مان ٻاهر نڪرو، اسان جا ڪيترائي اميدوار حيدرآباد ۾ بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن.










