ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جو رھواسي پوليس اھلڪار نعمت اللـ شيخ بدلين جي آزار کان تنگ ٿي گھر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي خبرموجب ڪراچي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جو رھواسي پوليس اھلڪار نعمت اللـ شيخ بدلين جي آزار کان تنگ ٿي گھر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيي خودڪشي ڪندڙ پوليس اھلڪار نعمت اللـ شيخ جي ڀاء سيف اللـ شيخ صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ مسلسل بدلين جي آزار سبب ڀاء سخت ذھني دٻاء جو شڪار ھيو جنھن سبب ھن خودڪشي جھڙو انتھائي قدم کنيو ھن چيو تـ ايس ايس ملير جي آفيس اندر پوليس اھلڪارن بدلين ۽ مقررين جا پئسا ورتس وڃن ٿا ھن وڌيڪ چيو تـ ايس ايس پي ملير آفيس جي عملدارن منھنجي ڀاء جي بدلي ڪري ان کي گڏاپ رکيو ويو جتان وري بدلي ڪري ان کي سي پيڪ ھيڊڪوارٽر اتان وري بدلي ڪري سکر ان بعد وري ڪراچي فيروزآباد ٿاڻي مقرر ڪيو ويو ھن چيو تـ منھنجي ڀاء جي خودڪشي جا ذميوار ايس ايس پي آفيس ملير جا عملدار آھن ھن آء جي سنڌ کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو آھي










