ڀارتي پنجاب ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڀارتي پنجاب ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا

لڌيانا (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پنجاب جي شهر لڌيانا ۾ گئس ليڪ ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب گئس ليڪ ٿيڻ سبب 11 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب رهائشي علائقي ۾ هڪ فيڪٽري مان گئس پکڙجڻ سبب ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب علائقي کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ مقامي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ جو چيو ويو آهي.اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ انتظاميه جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو