اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پيٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ 5 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. پاڪستان ۾ تيل جي ورهاست ۽ قيمتون مقرر ڪندڙ اداري آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.هاءِ ۽ لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 5 روپيه ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ ساڍا چار روپيه في ليٽر واڌ جي تجويز اماڻي وئي آهي حتمي فيصلو وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ ڪيو ويندو،. في ليٽر پيٽرول تي موجود لاڳو ليوي 17 روپيه 97 پئسا ۽ في ليٽر ڊيزل تي 18 روپيه 36 پئسا آهي. ان کان علاوه وزيراعظم کي پيٽرول 20 روپيه 7 پئسا ۽ ڊيزل 19 روپيه 61 پئسا مهانگو ڪرڻ جي سمري اماڻي وئي هئي جنهن کي رد ڪيو ويو هو. سمري ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين 30 روپيه في ليٽر ليوي جي بنياد تي ڪيو ويو هو.حڪومت گذريل 80 ڏينهن دوران پيٽرول جي قيمتن ۾ 15 روپيه في ليٽر جي حساب سان واڌ ڪري چڪي آهي. فيبروري ۾ به پيٽرول جي قيمتن ۾ 2.70 روپيه في ليٽر واڌ ڪئي هئي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت به 2.88 روپيه وڌائي وئي هئي. لائٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 3 روپيه ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ 3.54 روپيه في ليٽر واڌ ڪئي وئي هئي.










