پيرس هلٽن جنسي تشدد جو واقعو ٻڌائيندي روئي پئي

پيرس هلٽن جنسي تشدد جو واقعو ٻڌائيندي روئي پئي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا جي مشهور اداڪارا پيرس هلٽن ننڍپڻ ۾ اسڪول ۾ جنسي ۽ جسماني تشدد جا واقعا ٻڌائيندي لڙڪ لاڙي ويٺي. امريڪي رياست اُٽاهه ۾ ٻارن خلاف جنسي ۽ جسماني تشدد روڪڻ بابت قانون سازي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن آڏو هن پيش ٿي ننڍپڻ ۾ ٿيل زيادتي جو واقعو ٻڌائيندي چيو ته ان بابت سخت سزا جو قانون جوڙيو وڃي. 39 سالن جي اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ جڏهن 17 سالن جي هئي ته سندن والدين هڪ سال لاءِ پرووو ڪينيون بورڊنگ اسڪول موڪليو هو جتي تعليم سان گڏ نفسياتي مسئلن جي حل جي به سهولت هئي. هن چيو ته کيس اگهاڙو قيد ڪيو ويندو هو ۽ وهنجڻ دوران سندس اگهاڙي جسم جو نظارو ڪيو ويندو هو. هن گذريل سال ان اسڪول کي بند ڪرڻ جي مهم به هلائي هئي. اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته پراڻي انتظاميا ان جي ذميوار هئي هاڻي ڪو به واقعو ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو