پيدائشي ٻارڙن ۽ ڳورهاري عورتن ۾ خوراڪ جي کوٽ

پيدائشي ٻارڙن ۽ ڳورهاري عورتن ۾ خوراڪ جي کوٽ

تحرير جميل ميمڻ 

آئون پنهنجي معصوم پٽ جي حالت تي ڏاڍي پريشان رهندي هيس. سندس ڪمزور جسم، مايوس اکيون مون کي سمهڻ نه ڏينديون هيون. نه رڳو آئون، پر منهنجي گهر جا سڀ ڀاتي منهنجي ٽن ورهين جي پٽ وقار جي حالت تي ڏاڍا پريشان هئا. غربت سبب کيس سٺي کاڌ خوراڪ نه پئي ڏئي سگهياسين. نتيجي ۾ منهنجو پٽ وقار ڏينهون ڏينهن ڏٻرو ۽ بيحال ٿي رهيو هو.“ ٽن ورهين جي ٻارڙي وقار جي امڙ مسمات آسيت پنهنجون نم اکيون رئي سان صاف ڪندي وڌيڪ ٻڌائي ٿي هڪ ڏينهن منهنجو پٽ وقار ذري گهٽ بيهوش ٿي چڪو هو. سندس حالت تمام خراب هئي، آئون پنهنجي پٽ جي حالت ڏسي نه پئي سگهيس، پر کيس ڇڏي به نه پئي سگهيس. وس آهر ڳوٺ جي ڊاڪٽرن کان سندس علاج ڪرايوسين، پر ڦڪين فرق نه ڪيو.  ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڳوٺ مصري مڱڻهار جي رهواسڻ مسمات آسيت وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ جي ناري جيڪا سوشل ورڪر آهي، ان مون کي ڏس ڏنو ته پنس نالي هڪ پراجيڪٽ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ وقار جهڙن ٻارڙن جو سٺي کاڌ خوراڪ وسيلي بهترين علاج ڪيو وڃي ٿو.“ آسيت وڌيڪ ٻڌايو.”اهو ٻڌڻ شرط آئون بيچين ٿي ويس ته جلد کان جلد منهنجي ٻارڙي جو به علاج ٿئي ۽ هو ٺيڪ ٿي وڃي.“ آسيت پنهنجي پٽ وقار جي علاج بابت وڌيڪ ٻڌائيندي چوي ٿي”پوءِ هڪ ڏينهن اسان پنهنجي ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال پنهنجي پٽ کي وٺي پهتاسين، جتي پنس پراجيڪٽ جا ورڪر اڳ ئي موجود هئا.“ آسيت جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”مون پنهنجي پٽ وقار جي حالت بابت پنس جي ورڪرن کي ٻڌايو ته هنن فوري طور منهنجي پٽ جي چڪاس شروع ڪئي، آئون ڏاڍي گهٻرايل ۽ ڊنل هيس ته هتي منهنجي پٽ جو علاج ڪيئن ٿيندو، پر دل ۾ هڪ اميد به جاڳي پئي هئي. مون اهو ڪڏهن نه سوچيو هو ته منهنجي ٻارڙي جو بنان تڪليف ۽ ايڏي بهتر طريقي سان علاج ڪيو ويندو. آهستي آهستي ٽٽل اميدون جڙڻ لڳيون. پنس وارن تمام بهترين کاڌ خوراڪ وسيلي منهنجي پٽ وقار جو علاج بنان ڪنهن ڪوتاهي ۽ لاپرواهي جي ڪيو. منهنجو ڪمزور پٽ وقار جيڪو هر وقت روئيندو رهندو هو، هاڻ سندس حالت بهتر ٿيڻ لڳي هئي ۽ مرڪ سندس چهري تي موٽڻ لڳي هئي.“ آسيت مرڪندي ٻڌايو”توهان اعتبار نٿا ڪري سگهو ته فقط ٻن مهينن ۾ منهنجي پٽ جو وزن ايترو وڌي ويو جو هو مڪمل طور صحتمند نظر اچڻ لڳو ۽ اڄ هو ٻين ٻارن وانگر کلندو مرڪندو ۽ راند روند کيڏندو رهندو آهي. هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ منهنجي دل مان پنس وارن لاءِ هر وقت دعائون نڪرنديون رهن ٿيون.“ آسيت دعا جا هٿ کڻي مرڪندي پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪئي. هِي هَو ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ مصري مڱڻهار جي رهواسڻ آسيت پاران پنهنجي پٽ جي درد ڪٿا ۽ سندس صحتيابي بابت بيان ڪيل تفصيلي حال احوال. جنهن کي 29 آڪٽوبر 2020ع تي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺاڻي صحت مرڪز  ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي رجسٽريشن وقت ٻارڙي وقار جو وزن صرف ست ڪلو هڪ سئو گرام هو ۽ فقط ٻن مهيني اندر پنس پراجيڪٽ پاران ٻارڙي کي بهتر کاڌ خوراڪ ۽ سار سنڀال جي نتيجي ۾ سندس وزن 8 ڪلو 8 سئو گرام تائين پهچي ويو. هو هاڻ مڪمل طور صحتياب ٿي چڪو آهي. علاج کان اڳ هو انتهائي ڪمزور ۽ ڏٻرو هو، سندس ڏرا ڏنل اکيون خوراڪ جي کوٽ جي گواهي ڏئي رهيون هيون، اڄ سندس صحتمند جسم، مرڪندڙ چهرو زندگيءَ طرف واپسيءَ جي شاهدي ڏئي رهيو آهي. سندس صحتيابي تي سندس پورهيت پيءُ يار محمد ۽ سندس امڙ آسيت سميت سندس گهر وارا تمام گهڻا خوش آهن. نه رڳو وقار، پر يورپي يونين پاران سنڌ سرڪار جي سهڪار سان خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٻارڙن جي سارسنڀال ڪندڙ پروگرام فار امپرووڊ نيوٽريشن ان سنڌ (پنس) اهڙن ڪيترن ئي ٻارڙن جي بهترين خوراڪ وسيلي صحت جي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.اي سي ايف پاران حڪومتِ سنڌ جي تعاون سان پروگرام فار امپرووڊ نيوٽريشن ان سنڌ (پنس) جو پراجڪيٽ سنڌ جي 8 ضلعن ۾ ڪاميابيءَ سان هلي رهيو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن ۾ غذائي قلت کي ختم ڪرڻ لاء پِنس جي ٽيم او ٽي پي سينٽرن تي هر وقت موجود هوندي آهي . پنس پاران اهڙن ٻارڙن جي والدين سان پڻ رابطو ڪيو ويندو آهي، جيڪي غربت ۽ اڻ ڄاڻائي سبب غذائي کوٽ جي ڪري مختلف بيمارين جي ور چڙهيل هوندا آهن، پنس پاران انهن جي بهترين نگهداشت ڪري سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا آهن.پِنس نالي هلندڙ پراجيڪٽ جا آفيسر ۽ ورڪر ڪيترن ئي ڏکيائين باوجود جوانمردي سان پنهنجي نيڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ واري جاکوڙ ۾ مصروف عمل آھن. يورپي يونين ۽ سنڌ حڪومت جي مالي تعاون سان پروگرام فار امپرووڊ نيوٽريشن ان سنڌ (پنس) ٽنڊومحمدخان ضلعي اندر صحت کاتي جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ٽنڊو محمد خان ، تعلقه هيلٿ سينٽر بلڙي شاهه ڪريم ، ڳوٺاڻي صحت مرڪز راڄو نظاماڻي سميت مختلف ننڍن وڏن ڳوٺن جي صحت مرڪزن ۾ او ٽي پي سينٽر قائم ڪري غذائي کوٽ جي شڪار ٻارڙن ۽ عورتن کي رجسٽرڊ ڪري کين مستقل بنيادن تي کاڌ خوراڪ ۽ دوائون سميت شعور فراهم ڪرڻ لاء مختلف تربيتي پروگرام پڻ ڪرايا ويندا آهن جيڪي ماهر ڊاڪٽرن توڙي سماجي تنظيم پنس پاران مقرر ڪيل ورڪر ڏورانهين علائقن ۾ وڃي پنهنجي صحت جو خيال رکڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ کين صحت مرڪزن ۾ قائم ڪيل او ٽي پي سينٽرن تي داخلا وٺرائي مستقل بنيادن تي غذائي کوٽ جي پورائي لاء هر ممڪن مدد ۽ معاونت فراهم ڪئي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو