پي پي ايڇ آءِ پاران  يوسي بهمڻ جي مختلف ڳوٺن لاءِ مفت طبي ڪيمپ قائم

پي پي ايڇ آءِ پاران يوسي بهمڻ جي مختلف ڳوٺن لاءِ مفت طبي ڪيمپ قائم

نئون ديرو (ن سنڌيار) پي پي ايڇ آءِ پاران يوسي بهمڻ جي مختلف ڳوٺن لاءِ مفت طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، متاثرين کي چڪاس ڪري دوائون فراهم ڪيون ويون تفصيل موجب نئون ديرو ويجهو يوسي بهمڻ ۾ ڊي ايم ميڊم اقره ۽ عبدالرزاق جوڻيجو جي ڪوششن سان پي پي ايڇ آءِ پاران برساتي ٻوڏ متاثرين لاءِ مفت طبي ڪيمپ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ڳوٺ راضي خان ککراڻي، ڳوٺ غلام حيدر ککراڻي، ڳوٺ جهان خان ککراڻي، باغن شاھ جي وانڍ، ڳوٺ واڌل خان ککراڻي ۽ ڳوٺ آدم ککراڻي سميت يوسي بهمڻ جي ٻين ڳوٺاڻن کي مفت طبي موبائيل ڪيمپ قائم ڪري متاثرن کي دوائون فراهم ڪيون ويون. ان موقعي تي انچارج ميڊيڪل آفيسر طارق سومرو،محمد علي کوکر ۽ جي ڊي شاهاڻي جي عملي مختلف بيمارين گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙي سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا مردن عورتن ۽ ٻارن سميت 220 کان مٿي مريضن کي چڪاس ڪري مفت دوائون فراهم ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو